ڏهرڪي: پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل

عوامي آواز رپورٽ
ڏهرڪي: پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل
عوامي آواز رپورٽ ڏهرڪي: پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل

 

ڏهرڪي ۾ ايس ايچ او پاران چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ڀري ڏيڻ واري فيصلي جي واکاڻ بعد شهر ۾ چورين جي وارڌاتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

ڪورئير آفيس ڀرسان مين روڊ تان سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪن عجب گل سميجو جي موٽرسائيڪل چاٻي چور ڪاهي فرار ٿي ويا

هن چيو ته منهن تي رومال پاتل شخص سندس گهر ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل ڪاهي ويا آهن، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج پوليس حوالي ڪيا ويا آهن

هن وڌيڪ چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب ڏهرڪي ۾ ڏينهون ڏينهن چورين جو آزار وڌندو پيو وڃي

هن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او طفيل ڀٽو کي هٽائي چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرايون وڃن

You might also like