ڌرڻو ٽائم پاس آهي ( سرڪار )نيون چونڊون ٿينديون، اوهان کي خبر ئي نه پوندي:مخالف ڌر

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ آزادي مارچ تي ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو آهي ته ڌرڻي وارن کي جيترو وقت ويهڻو آهي، ويهن پر ملڪ کي نقصان نه پهچائين، اسان ٽائيم پاس ڪري رهيا آهيون. خواجه آصف حڪومتي وزيرن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته توهان کان وڌيڪ اسان کي خبر آهي، اسان جي مطالبي تي چونڊون ٿينديون. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران آزادي مارچ جو ذڪر ٿيو، اپوزيشن توڙي حڪومتي ميمبرز هڪٻئي جي اڳواڻن کي خطاب ڪرڻ نه ڏنو. اسپيڪر اجلاس اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.وفاقي وزير ۽ حڪومتي ڊائلاگ ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ خطاب ڪرڻ لاءِ اُٿيو ته ايوان ۾ موجود اپوزيشن ميمبرز گوڙ ڪيو، جنهن تي پرويز خٽڪ چيو ته اڄ دل سان ڳالهائڻ گهران ٿو، ٻڌي وٺو، هي تماشو نه هلندو. آزادي مارچ وارا صبر ڪن، کين اڃا گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻو آهي. آزادي مارچ وارن کي جيترو ويهڻو آهي ويهن، پر ملڪ کي نقصان نه پهچائين. جيڪڏهن مولانا چوي ٿو ته ڌرڻو ٽائيم پاس لاءِ آهي ته اسان به ٽائيم پاس ڪري رهيا آهيون.نواز ليگ ايم اين اي خواجه آصف خطاب ڪيو ته حڪومتي وزيرن گوڙ ڪيو، جنهن تي هُن چيو ته خاموش ٿيو، اليڪشن ٿيندي ۽ اسان جي ئي مطالبي تي ٿيندي، صبر ڪريو، توهان کي خبر ناهي، اسان کي گهڻي خبر آهي. هُن چيو ته جيڪي حڪومت ۾ هوندا آهن، اُنهن کي خبر نه هوندي آهي، هنن کي خبر تڏهن پندي، جڏهن مٿن ڇِت ڪري پوندي.اسپيڪر لفظ هذف ڪيا خطاب دوران خواجه آصف چيو ته ڪالهه اسان کي چوندا هئا. اڄ هنن جون ٿي ويون آهن. اسپيڪر اهي لفظ ڪارروائي مان هذف ڪري ڇڏيا، جنهن تي خواجه آصف چيو ته هو پاڻ اهي جملا نه پيو چوي، عمران خان جا جُملا ورجائي رهيو آهي، هو اهڙا جُملا استعمال ڪندو هو. اسان کي ڪنهن امپائر جي آڱر جو انتظار نه آهي، جِن کي انتظار هوندو هو، اُنهن لاءِ امپائر جي آڱر خبر ناهي ته ڪيڏانهن وئي؟ سندس اُن جملي تي ايوان ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرن خاص طور تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور طرفان مولانا فضل الرحمان کي سندس ئي تڪ مان چونڊ وڙهڻ جي لاءِ ڏنل چيلينج کي  جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ ۽ مولانا جي پٽ اسد محمود قبول ڪري ورتو. علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته هو پنهنجي تڪ مان مولانا فضل الرحمان جي خلاف چونڊ وڙهڻ جي لاءِ پنهنجي سيٽ ڇڏڻ لاءِ تيار آهي. هن مولانا فضل الرحمان کي چيلينج ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان ڌرڻو ختم ڪري، قوم کان معافي گهري ۽ منهنجي تڪ مان منهنجي خلاف اليڪشن وڙهي ۽ پنهنجي مقبوليت جو اندازو لڳائي.ان چيلينج جي جواب ۾ جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسد محمود چيو ته هو ان چيلينج کي قبول ڪري ٿو،  توهان استعيفيٰ ڏيو ۽ آئون به استعيفيٰ ڏيان ٿو، توهان اعلان ڪيو اسان سڀاڻي ئي چونڊ وڙهنداسين. ڏوگڏ ئي هن چيو ته هڪ سيٽ تي چونڊ وڙهڻي آهي ته هڪ تي وڙهو، سڄي ملڪ ۾ وڙهڻو آهي ته سڄي ملڪ ۾ وڙهو. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.