ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون، ڪراچي کي پاڻي فراهمي معطل

 

ڌاٻيجي (رپورٽ: مقصود جوکيو) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن ۾ بجليءَ جو اوچتو بريڪ ڊائون ٿي ويو، جنهن سبب ڪراچي کي روزانو لکين گيلن پاڻي فراهم ڪندڙ 21 پمپ مڪمل طور بند ٿي ويا ۽ ڪراچيءَ کي پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿي وئي.

بجلي نه هجڻ سبب بند ٿيل پائپ لائين نمبر 5 پاڻيءَ جو تيز ڌٻاءُ برداشت نه ڪرڻ سبب ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پمپ هائوس ڪالوني ۽ ڀرپاسي وارو علائقو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: غلام الله ٻهراڙي صحت مزڪز مان مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، اسپتال تلاءَ ۾ تبديل

ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن مان ڪراچيءَ کي سپلاءِ ڪئي ويندڙ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي.

ٻئي پاسي ڦاتل لائين جي مرمت ۽ بند ٿيل 21 پممن کي هلائڻ لاءِ ڪي اپاءَ نه ورتا ويا آهن.

You might also like