ڊونلڊ ٽرمپ قومي سلامتي بابت صلاحڪار کي برطرف ڪري ڇڏيو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي قومي سلامتي بابت صلاحڪار جان بولٽن کي برطرف ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ان اوچتي فيصلي جو بچاءُ ڪيو ۽ چيو ته ان جو سبب پاليسي اختلاف آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهيان: ڊونلڊ ٽرمپ

سندس چوڻ هو ته نئين قومي سلامتي بابت صلاحڪار جي مقرري ايندڙ هفتي تائين ڪئي ويندي.

واضح رهي ته جان بولٽن ايران جي حوالي سان پنهنجي سخت موقف سبب سڃاتو ويندو آهي ۽ اتان جي حڪومت جي تبديلي جو سخت حامي آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب بولٽن طالبان سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جو به مخالف هو.

You might also like