ڊوميسٽڪ سيزن لاءِ ڪپتانن ۽ رانديگرن جي چونڊ ٿي وئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڊوميسٽڪ سيزن 20-2019 لاءِ سرفراز احمد، بابر اعظم، شان مسعود، محمد رضوان، حارث سهيل ۽ عماد وسيم کي لاڳاپيل ٽيمن جي قيادت ڏئي ڇڏي.

پي سي بي طرفان نئين اسٽرڪچر تحت ڊوميسٽڪ سيزن ۾ حصو وٺندڙ 6 صوبائي ايسوسيئيشنز جي ڪرڪيٽ ٽيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي.


سرفراز احمد کي سنڌ، بابر اعظم کي سينٽرل پنجاب، شان مسعود کي ڏکڻ پنجاب، محمد رضوان کي خيبر پختونخواهه، حارث سهيل کي بلوچستان ۽ عماد وسيم کي اتر ريجن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي ڏني وئي آهي.

پي سي بي جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ماڻيندڙ رانديگرن کي ڊوميسٽڪ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ناهي ڏنو ويو پر جيڪي رانديگر قومي ٽيم سان گڏ ڪرڪيٽ ۾ مصروف نه هوندا، انهن کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پي سي بي ڊوميسٽڪ ٽيمن جي چونڊ لاءِ پئنل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ اڀرندڙ رانديگرن کي ٽيمن جي قيادت ڏني وئي آهي ته جيئن انهن جي قائداڻي صلاحيتن ۾ واڌ ٿي سگهي.

پي سي بي سيڪنڊ اليون ۾ شامل ٽن ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ مينٽور مقرر ڪيا آهن، ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ وڏو تجربو رکندڙ مينٽور سيڪنڊ اليون ۾ ٽيم جي نمائندگي سان گڏوگڏ نوجوانن رانديگرن جي ڪارڪردگي ۾ به نکار آڻيندا.

هلندڙ سال ڊوميسٽڪ سيزن جي شروعات 14 سيپٽمبر کان قائداعظم ٽرافي سان ٿيندي، مقامي ڪوچن ۽ جونيئر سليڪٽرز سڀني ٽيمن لاءِ شروعاتي رانديگرن جي چونڊ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ 3 رڪني آزاد پئنل رانديگرن جي چونڊ کي حتمي شڪل ڏني.

آزاد پئنل ۾ راشد لطيف، مصباح الحق ۽ نديم خان رانديگرن جي 3 سالن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي ٽيمن جي چونڊ ڪئي، سمورا رانديگر 11 سيپٽمبر تي پنهنجي پنهنجي ٽيم جوائن ڪندا.

You might also like