ڊرامو بند ڪيو… سعيد غني جي وفاقي حڪومت کي ڇنڊ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڊرامو بند ڪيو وڃي، وفاق ڪراچي لاءِ جيترا به منصوبا ٺاهي، ان کي سنڌ حڪومت جي دَر مان گذرڻو پوندو.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪلين ڪراچي مهم شروع ڪئي وئي، جنهن لاءِ چندو گڏ ڪيو ويو پر ان مهم ڪراچي کي وڌيڪ ڪِنو ڪري ڇڏيو، ڪراچي صفائي مهم ڪٿي آهي؟ صفائي ڪرائيندڙ ڪيڏانهن ويا؟ وزيراعظم کي ڪلين ڪراچي مهم جي خبر پئي ته علي زيدي کي برطرف ڪري ڇڏي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪراچي ۾ مکين جي گهڻائي تي ميئر کان جواب طلب

هن چيو ٻڌو آهي وزيراعظم هاڻ هڪ نئين ڪميٽي ٺاهي آهي، ڪراچي جي مسئلن جو حل ڪميٽي ٺاهڻ ناهي، ڪميٽين جو ڊرامو بند ڪيو وڃي، وفاقي ڪراچي لاءِ جيترا به منصوبا ٺاهي ان کي سنڌ حڪومت جي دَر مان گذرڻو پوندو، جڏهن ته ڪراچي لاءِ ٺاهيل ڪميٽي تي سنڌ حڪومت سان صلاح مشورو نه ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته فريال ٽالپر سان اهڙو ورتاءُ نه ڪيو، جيڪو پيشيور ڏوهاري سان ڪيو ويندو آهي، مٿس ڪو الزام ثابت ناهي ٿيو، جيڪڏهن 13 سيپٽمبر تي فريال ٽالپر کي اسيمبلي نه آندو ويو ته اسيمبلي ميمبر لاهور ويندا ۽ پنجاب جي عوام کي ٻڌائيندا ته انتقام جي انڌي حڪومت پنهنجا آئيني ۽ قانوني تقاضا پورا نه پئي ڪري.

You might also like