ڊاڪٽر ديپڪ جي زال کي صحت کاتي ۾ نوڪري ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽ: ماريا  اسماعيل ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ديپڪ راج جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ورتو، جڏهن ته سندس گھرواري سنيتا کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس شمس الدين عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  حيدرآباد پوليس جي جعلي مقابلي ۾ معذور ٿيل ديپڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ايس ايس پي حيدرآباد، سيڪريٽري هيلٿ ۽ ٻيا پيش ٿيا.صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران ديپڪ راج جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تحت ڊي جي هيلٿ جي سربراهيءَ ۾ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي. جڏهن ته عدالت ديپڪ جي گهرواري سُنيتا راٺوڙ کي نوڪري ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کي چيو ته سُنتيا کي سندس تعليم موجب سرڪاري نوڪري ڏني وڃي . جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته ديپڪ راج جي مڪمل صحتيابي تائين سرڪار ديپڪ جي گھروارن کي 50 هزار رُپيا هر مهيني ڏيڻ جي پابندي هوندي، بورڊ جائزو وٺي ته ديپڪ راج جو علاج ڪٿي ممڪن آهي.063041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.