ڇا اوهان 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ ننڊ ڪندا آهيو؟

واشنگٽن  (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان گھڻي ننڊ جا عادي آهيو چوندا آهن ته گھٽ ۾ گھٽ 8 ڪلاڪن جي ننڊ ڪرڻ سٺي صهت لاءِ گھڻي ضروري آهي پر ڇا اوهان ڄاڻيو ٿا ته گھڻو سمهڻ سٺي صحت جي علامت نه پر خطرناڪ عمل آهي.

تازو ئي سامهون آيل هڪ تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گھڻي ننڊ فالج جي دوري جو خطرو وڌائي ڇڏيندي آهي.

اها دعويٰ آمريڪا ۾ ٿيل هڪل طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.

تحقيق موجب گھٽ ننڊ سان گڏوگھڻي ننڊ جي عادت به موت مار ثابت ٿي سگھي ٿي.

تحقيق موجب جيڪي ماڻهو 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن انهن ۾ فالج جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.

تحقيق موجب اهڙي ريت جيڪي ماڻهو سڄي رات ۾ 6 ڪلاڪن کان گھٽ ننڊ ڪرڻ جي عادت ۾ مبتلا آهن انهن ۾ ان موت مار مرض جي دوري جو خطرو چئوڻ تي وڌي وڃي ٿو ڇو جو انهن جي دماغ جي مختلف حصن کي رت جي سپلائي متاثر ٿئي ٿي.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: آفيس ۾ ويهي پنهنجي ڊيسڪ تي لنچ ڪرڻ جا نقصان

10 هزار ماڻهن تي ٿيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته رات جي سٺي ۽ مناسب ننڊ گھڻي اهميت رکي ٿي پر گھڻي دير بستري تي رهڻ بلڊ پريشررر کي وڌائي فالج جي خطري ۾ 46 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي ٿو.

محققن جو چوڻ آهي ته ان جا سبب هن وقت تائين واضح ناهن ٿي سگھيا ۽ ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته آخر ڇو گھڻي ننڊ موت مار ثابت ٿئي ٿي.