چمبڙ: ٻن ٻارن جي ماءُ گهريلو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

عوامي آواز رپورٽ
چمبڙ: ٻن ٻارن جي ماءُ گهريلو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
عوامي آواز رپورٽ چمبڙ: ٻن ٻارن جي ماءُ گهريلو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

 

چمبڙ ويجهو ٻن ٻارن جي ماءُ گهريلو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.

سنجر چانگ ٿاڻي جي حد نظير هاليپوٽا زرعي فارم جي رهواسي 19ورهين جي پارشو ڪولهي گهر ڀاتين سان ناراضگي بعد انب جي باغ ۾ ڦاهو کائي حياتي جو انت آڻي ڇڏيو.

ڄاڻ تي گهر ڀاتين پهچي فوتي عورت جو لاش کڻائي ٻهراڙي صحت مرڪز پهچايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ناري گهريلو معاملي تان آپگهات ڪيو آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

You might also like