ڄامشورو: لمس اسپتال ۾ انتظاميا جي لاپرواهي سبب مريض علاج لاءِ دربدر

وامي آواز رپورٽ
ڄامشورو: لمس اسپتال ۾ انتظاميا جي لاپرواهي سبب مريض علاج لاءِ دربدر
وامي آواز رپورٽ ڄامشورو: لمس اسپتال ۾ انتظاميا جي لاپرواهي سبب مريض علاج لاءِ دربدر

صحت کاتي پاران لمس اسپتال ڄامشورو کي ماهوار ڪروڙين رپيا بجيٽ ڏيڻ باوجود  مريضن کي تپ دق جي ٽِڪي به ملڻ مشڪل بڻجي وئي آهي،اسپتال اندر دوائن ۽ آڪسيجن جي شديد کوٽ سبب سوين مريض علاج لاءِ پريشان آهن.

او پي ڊي توڙي اسپتال اندر موجود ڊاڪٽرن پاران مريض کي تپاسي سندن علاج ڪرڻ بدران کين خانگي ليبارٽرين جو ٽيسٽون لکي ڏنيون پيون وڃن، جنهن ڪري غريب عوام سرڪاري اسپتالن ۾ به مهانگو علاج ڪرائڻ جي تي مجبور آهي.

لمس اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند هجڻ، ڊاڪٽرن توڙي ٻئي عملي جي ناروا سلوڪ جي ڪري مريض توڙي ساڻس گڏ آيل وارث پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، جڏهن ته اسپتال اندر ايڪسري، سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ جون سهولتون هجڻ باوجود مريضن کي ڄاڻايل سهولتن کان محروم رکيو پيو وڃي.

داخل مريضن جي وارثن مطالبو ڪيو ته لمس اسپتال انتظاميا خلاف جوڳا قدم کڻي مريضن کي گهربل سهولتون فراهم ڪري اهنج گهٽايا وڃن…………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.