ڀرياسٽي: ڀريا روڊ ريلوي ڦاٽڪ ويجھو اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ

عوامي آواز رپورٽ
ڀرياسٽي: ڀريا روڊ ريلوي ڦاٽڪ ويجھو اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ
عوامي آواز رپورٽ ڀرياسٽي: ڀريا روڊ ريلوي ڦاٽڪ ويجھو اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ

ڀرياسٽي ويجھو ڀرياروڊ ڦاٽڪ وٽ اڻڄاتل نوجوان جو لاش مليو، پوليس اطلاع باوجود حد جو تڪرار ڄاڻائي ويٺل لاش ٽن ڪلاڪن کان واقعي واري هنڌ پيل

ڀرياروڊ ريلوي فاٽڪ ويجهو ڪراچي کان پنجاب ويندڙ پٽڙي ڀرسان اڻ ڄاتل نوجوان جو منهن چچريل لاش هٿ آيو آهي اطلاع تي ڀرياروڊ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پر  پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي لاش تحويل م وٺڻ کان انڪار ڪيو

ايس ايڇ او ڀرياروڊ سڪندر چانگ ٻڌايو ته نوجوان هلندڙ ريل مان ڪري فوت ٿي ويو آهي جيڪو پٽڙي ويجھو پيل آهي جيڪا ريلوي پوليس جي حد آهي

ٻئي پاسي ايس ايڇ او ريلوي محمد يونس ٻڌايو ته اسان اچي رهيا آهيو ن جيڪڏهن اسان جي حد ۾ واقعو ٿيو آهي ته اسان لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائينداسين

هي به ڏسي سگھو ٿا:  وزيراعظم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ جلسي جو اعلان

حد جي تڪرار سبب نوجوان جو لاش سخت گرمي سبب ٽن ڪلاڪن تائين  واقعي واري هنڌ پيل رهيو  جڏهن ته آخري اطلاعن تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي هئي

You might also like