ڀان سيدآباد: هٿياربندن هٿان  پ پ ڪائونسلر محمد خان لغاري قتل

عوامي آواز رپورٽ
ڀان سيدآباد: هٿياربندن هٿان پ پ ڪائونسلر محمد خان لغاري قتل
عوامي آواز رپورٽ ڀان سيدآباد: هٿياربندن هٿان پ پ ڪائونسلر محمد خان لغاري قتل

 

ڀان سيدآباد ۾ نامعلوم هٿياربندن وچ شهر ۾ پ پ ڪائونسلر محمد خان لغاري کي فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا.

50ورهين جو محمد خان لغاري ڀان هاءِ اسڪول ڀرسان دڪان تي ويٺل هو ته موٽرسائيڪل سوار ٻه هٿياربندن گوليون هڻي زخمي حالت ۾ ڇڏي ڀڄي ويا

واقعي کانپوءِ سڄي شهر ۾ خوف واري صورتحال ڇانئجي وئي، اطلاع تي وڏي انگ ۾ مقتول جا رشتيدار ۽ شهري واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا

ڄاڻ بعد پوليس اڌ ڪلاڪ کانپوءِ واردات واري جاءِ تي پهتي ۽ زخمي کي ايمبولينس بدران پوليس موبائيل ۾ ئي سيوهڻ اسپتال نيو ويو، جتي گهڻو رت وهڻ سبب زخمي محمد خان لغاري زخمن جا تاب نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو

You might also like