ڀارت ۾ انتهاپسندي عروج تي، هندو نوجوان مسلمان سمجهي قتل

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندو انتهاپسندي ۾ ايترا انڌا ٿي ويا جو ساحل نالي هندو نوجوان کي مسلمان سمجهي قتل ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن ڀارت جي شهر دهلي جي علائقي جعفرآباد ۾ هڪ واقعو پيش آيو، جتي ڪجهه هندو انتهاپسندن 23 ورهين جي ساحل نالي هندو نوجوان کي مسلمان سمجهي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ نوجوان زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: هندو انتهاپسندن حدون پار ڪري ڇڏيون، نعرو نه هڻڻ تي مسلمان نينگر کي باهه

واقعي کانپوءِ مقتول ساحل جي ماءُ جو چوڻ هو ته سندس پٽ پنهنجي دوست جي ڀاءُ جي مدد لاءِ ويو هو، جنهن کي سنجي چندرڀان نالي شخص ۽ سندس پٽ تنگ ڪري رهيا هئا، ساحل سنجي کي درخواست ڪئي ته ان جي ڀاءُ جي دوست کي وڃڻ ڏيو پر سنجي منهنجي پٽ جي هڪ نه ٻڌي.

You might also like