ڀارت انساني حقن جو احترام ڪري: آمريڪا

 

سرينگر (ويب ڊيسڪ) آمريڪا والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي گرفتارين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته والاريل وادي ۾ انساني حقن جو احترام ڪيو وڃي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب آمريڪي اختيارين ڀارت تي زور ڏنو آهي ته والاريل ڪشمير جي مقامي قيادت سان ڳالهين جي ٻيهر شروعات ڪئي وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پاڪستان چاهي ته ڪشمير تان پابنديون هٽرائي سگهي ٿو…..! ڀارت جو نئون ڊرامو

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مورگن آرٽيگس پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ واپارين ۽ مقامي سياسي اڳواڻن جي وڏي پئماني تي گرفتارين ۽ ڪشمير تي لاڳو پابندين تي آمريڪا کي سخت ڳڻتي آهي، اسان اتي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جي بندش تي به ڳڻتي ۾ آهيون.

هن انتظاميا تي زور ڏنو ته وادي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس کي بحال ڪيو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته ڀارت والاريل ڪشمير جي مقامي سياسي قيادت سان ڳالهين جي شروعات ڪري ۽ پنهنجي واعدي موجب جلد کان جلد چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪري.

You might also like