ڀارتي جارحيت جي نگراني جو طريقي ڪار وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي: مليحا لوڌي

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي جارحيت ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ ڀارت بابت مبصر گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) ۽ ان جي نگراني جي طريقي ڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي سلامتي ڪائونسل ۾ امن مشنز جي ڪارڪردگي تي بحث دوران اهو مطالبو ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: مليحا لوڌي جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي صدر سان ملاقات

هن چيو ته يو اين ايم او جي آءِ پي کي لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائين جي نگراني جو طريقي ڪار وڌيڪ سخت ڪرڻ گهرجي، نئين دهلي طرفان 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کانپوءِ وڌندڙ ڀارتي شرپسندي ۾ مبصر گروپ جو ڪردار وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته سلامتي ڪائونسل کي ان گروپ جي رپورٽنگ جي ذميوارين ۾ به اضافو ڪرڻ گهرجي، يو اين ايم او جي آءِ پي جي ميزباني جي حيثيت سان پاڪستان ان جي فائدي مان چڱي ريت واقف آهي.

مليحا لوڌي خطي ۾ امن برقرار رکڻ ۾ گڏيل قومن جي مبصر گروپ جي ڪردار جي واکاڻ پڻ ڪئي.

 

You might also like