ٿر جي قديمي ماڳن جي وارثي ڪير ڪندو؟

غازي بجير

ٿر ننگرپارڪر تعلقي جي مشهور ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ موجود انگريزن جي دور جا ٺهيل هزارين سال پراڻا قديمي سياحتي ماڳ وارثي نه ٿيڻ ڪري ڀڄي ڀُري تباهه ٿي ويا آهن، جنهن جي سياحت ۽ ثقافت کاتي وارثي ناهي ڪئي، ڪارونجهر جي هنج ۾ ٺهيل اُهي ماڳ هزارين سال پراڻا انگريزن جي دور جا انتهائي بهترين سگ مرر جي چٽسالن پٿرن سان جُڙيل آهن، ڀوڏيسر جي مسجد جيڪا 1505 هجري ۾ ٺهي، جنهن کي گجرات جي بادشاهه محمود بيگڙي تعمير ڪرايو، اها مڪمل طور تي سنگ مرر جي پٿرن سان جُڙيل آهي، انهيءَ ۾ ڪٿي به سِر جو استعمال ناهي ٿيل، انهيءَ ڪري اها مسجد انتهائي خوبصورتي سان ٺهيل آهي، ائين ئي جيڪي جين ڌرم جا مندر ٺهيل آهن، اهي به انتهائي بهترين پٿرن سان ٺهيل آهن، سمورن مندرن ۾ ڪٿي به سِر لڳل ناهي، گوڙي جو مندر به هزارين سال قديمي ۽ سنگ مرر جي پٿرن سان جُڙيل آهي، جنهن جي سار نه لهڻ ڪري اهو ڀڄي ڀُري تباهه ٿي ويو آهي، مندر جا ڪيترائي حصا ڊهي ڪري پيا آهن، گوڙي مندر سميت انچليسر، ساڙدري، چوڙيو، ڀوڏيسر ڀرسان واري مندر جي حالت زبون حال آهي، جنهن جا حصا ڀُري ختم ٿي رهيا آهن.

ننگرپارڪر شهر ۽ ان جي ڀرپاسي مندر، ڀوڏيسر مسجد، ڀر واري مندر، گوڙي مندر سميت ٻين قديمي ماڳن جي مرمت لاءِ ڪروڙين روپين جا ٺيڪا ٿيا آهن ۽ مختلف ادارن طرفان انهن جي مرمت جو ڪم ته شروع ٿيو هو، پر اهو ٿورن ڏينهن ۾ بند ٿي ويو، خبر ناهي الاهي ڪٿي پئسا خرچ ڪيا ويا، انهن ماڳن جي بهتري ڪٿي به ٿيل نظر نٿي اچي، ڀوڏيسر ڀرسان واري مندر جون صرف هڪ حصي تي ٿهليون ٺاهي رکيون ويون باهي ڪم جتي هو اتي جو اتي بيٺل آهي، ائين گوڙي مندر جي مرمت لاءِ به ڊاڪٽر کٽومل جي ڪوٽا مان پئيسا جاري ٿيا پر اهي پئيسا به ڪٿي خرچ ٿيل نظر نٿا اچن، جنهن سبب ڪارونجهر جي هنج ۾ ٺهيل سمورا ماڳ مڪان ڀڄي ڀُري تباهه ٿي ويا آهن، هاڻي ته اهي خوفناڪ صورتحال پيش ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن به وقت ڌماڪي سان ڪرڻ جا امڪان موجود آهن، انهن تي حڪومت ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو، ڪارونجهر جي هنج ۾ ٺهيل هي انگريزن جي دور جا هزارين سال پراڻا ماڳ جيڪي سارسنڀار نه لهڻ ڪري پنهنجي سونهن وڃائي ويٺا آهن، ڀڄي ڀُري تباھ ٿيڻ سان گڏ ميسارجي رهيا آهن، ننگرپارڪر ۾ ٺهيل هنن ماڳن جهڙا ماڳ سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به موجود ناهن، هنن جي جوڙجڪ انتهائي خوبصورتي سان ٿيل هجڻ ڪري هر سال لکن جي تعداد ۾ سياح هنن ماڳن کي ڏسڻ ايندا آهن، پر اهڙن بهترين ڊزائين سان ٺهيل هنن ماڳن جي صورتحال خراب ڏسي هو مايوسيءَ جو اظهار ڪن ٿا،

هي به ڏسي سگھو ٿا: سنڌ ۾ وڌندڙ وارداتون ۽ وڏي وزير جو فيصلو

ڪارونجهر جي قيمتي گرينائيٽ جو پٿر چوري ڪري کنيو پيو وڃي،  بااثر سرعام قيمتي پٿر کڻي رهيا آهن، ٽرڪون ڀري پٿر کنيو پيو وڃي، انهيءَ سان گڏ ڪارونجهر جي پٿر کي ٽڪرا ڪري انهي جو پٿر روڊن ۾ به استعمال ڪيو پيو وڃي، ڪارونجهر جبل ڏيھ توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي، هي جبل 28 ڪلوميٽرن تي پکيڙ رکي ٿو، هن جي بلندي هزارين فوٽ اونچي آهي، آخري چوٽي تي تروٽ جو انگريز هو، انهيءَ جو ٿلهو موجود آهي، جتي انگريز تروٽ ويهندو هو، هن جبل مان 10 مختلف ندين جا چشما لهن ٿا، جيڪو پاڻي ندين مان لهندي رڻ ڪڇ ۾ وڃي ضايع ٿئي ٿو، ڪارونجهر ۾ ٺهيل 11 ننڍا وڏا ڊيم آهن، جنهن کي لکين روپيا خرچ ڪري تعمير ڪيو ويو، ڊيمن کي انهيءَ ڪري ٺاهيو ويو ته ڪارونجهر مان لهندڙ پاڻي کي انهن ڊيمن اندر جمع ڪيو وڃي، پر ٺهيل ڊيم غلط پلاننگ سبب تعمير ٿيڻ ۽ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿيڻ ڪري ڪارائتا ثابت  نه ٿيا، جنهن سبب ڪارونجهر مان لهندڙ اهو پاڻي جيڪو ڊيمن اندر جمع ٿيڻ بدران رڻ ڪڇ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي، جبل مان لهندڙ انهيءَ پاڻي کي جمع ڪري اتي موجود ڊيم اندر جمع ڪرڻ سان گڏ وڌيڪ ڊيم تعمير ڪيا وڃن ته ننگرپارڪر ۾ ٻن کان ٽن سالن جيترو پاڻي جمع ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي رهواسي پيئڻ سميت پوکيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا، پر حڪومت انهيءَ طرف ڪو به ڌيان ناهي ڏنو، جنهن سبب لکين ڪيوسڪ پاڻي جيڪو مٺو پلر پاڻي آهي اهو ضايع ٿي رهيو آهي، جنهن مان اتان جي رهواسين کي ٽڪي جو به فائدو ناهي ٿي رهيو.

هن وقت ننگرپارڪر جي ڪڇ ۾ موجود قديمي ماڳن جي سنڀال جي ضرورت آهي، اهڙي ضرورت آهي، جهڙي طرح سڌريل ملڪن ۾ پنهنجي قديمي ماڳن ۽ آثارن جي سنڀال ڪئي ويندي آهي، جنهن کي دنيا جا ماڻهو ڏسڻ لاءِ ايندا آهن، پر جي وقت سر سنڀال نه ٿي آهي ته هي سمورا قديمي ماڳ مٽجي ويندا ۽ اسان جا ايندڙ نسل اهي حيران ڪندڙ قديمي ماڳ ڏسڻ کان رهجي ويندا.

You might also like