پ پ مولانا فضل الرحمان کي رنجائي ڇڏيو…!

ڄامشورو(ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اسلام آباد لاڪ ڊائون ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جمعيت علماءِ اسلام ف جي امير مولانا فضل الرحمان آڪٽوبر ۾ حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ وفاقي راڄڌاني جي لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري رکيو آهي.

مولانا فضل الرحمان ان حوالي سان مخالف ڌر پارٽين سان به رابطا ڪيا آهن ۽ هن جي خواهش آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي به ان ڌرڻي ۾ شريڪ هجي.

پر هاڻ پيپلز پارٽي اسلام آباد لاڪ ڊائون ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:امام حسين رضه جي پيروي ڪري ناانصافي ۽ ظلم خلاف ڪاميابي حاصل ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڄامشورو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان اسلام آباد آباد ۾ احتجاج جي لاءِ پاڻ اڳرائي ڪئي ۽ اعلان ڪيو.

هن چيو ته فضل الرحمان جي سياست ۽ ايشوز جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت ڪندا آهن پر پيپلز پارٽي پهرين به مخالف ڌر ۾ هوندي ڌرڻي واري سياست ۾ شريڪ نه ٿي.

بلاول موجب مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ هوندو ۽ آئون سڄي پاڪستان جو دورو ڪندو، ٻنهي جو نظريو هڪ ئي هوندو ته ڪٺ پتلي حڪومت کي برداشت نٿا ڪري سگهون.

پ پ چيئرمين وزير اعظم جي ڪراچي  بابت بڻايل ڪميٽي کي غير آئيني قرار ڏنو.

هن چيو ته تحريڪ انصاف، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ متحده قومي موومينٽ سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي سوچ رکن ٿا ۽ جنهن جي اجازت نه ڏينداسين.

ياد رهي ته 19 آگسٽ کي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ مخالف ڌر پارٽين جي اي پي سي اسلام آباد ۾ ٿي هئي جنهن ۾ مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل  پارٽي سميت ٻين پارٽين جا سربراهه شريڪ ٿيا.

 

You might also like