پ پ لاڙڪاڻو ڪراچي ڪميٽي کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏئي ڇڏيو

 

نئون ديرو (رپورٽر) پ پ لاڙڪاڻو وفاق طرفان ڪراچي لاءِ جوڙيل ڪميٽي کي سنڌ ٽوڙڻ جي سازش قرار ڏيندي پي ٽي آءِ سنڌ ۾ شامل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ايم اين اي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي چيئرمين  خورشيد احمد جوڻيجي پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته پ پ کي ضياءُ ۽ ۾شرف ختم ڪري نه سگهيا  ته ھي ڇا ختم ڪندا، پ پ جي شهيدن رت ڏئي 58 بي جو خاتمو آندو، جنھن تحت ھڪ لائين لکي حڪومتون ختم ڪيون وينديون ھيون، آصف زرداري  18هين ترميم آندي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: بنگلاديش ٺهي ويو، جيڪڏهن ظلم برقرار رهيو ته سنڌو ديش به ٺهي ويندو: بلاول

اعجاز احمد لغاري، نثار مراد ڀٽو، سيد ارشد راشدي، اورنگزيب ڀٽو ۽ ٻين چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي ڀلي ڪيترا به ڪيس ڪيا وڃن، انهن کي هيسائي نٿو سگهي، پي ٽي آءِ مھانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، سنڌ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پي ٽي آء سنڌ جا اڳواڻ ۽ انھن جا حمايتي ڇو خاموش آھن.

گڏجاڻي ۾ لالا نظر محمد، اشفاق ڀٽو، نعمت الله ناريجو، محمد حليم ناريجو، دليپ ڪمار، منصور سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like