پي ايم ڊي سي شاگردن جي پريشاني وڌائي ڇڏي۔۔۔

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) انٽري ٽيسٽ ۾ اهليت لاءِ نمبر وڌائي 70 سيڪڙو ڪري ڇڏيا.

ان کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو نمبر حاصل ڪندڙ پي ايم ڊي سي جي انٽري ٽيسٽ ۾ ويهڻ لاءِ اهل هئا پر هاڻ نون قانونن تحت يارهين درجي مطلب ايف ايس سي ۾ 70 سيڪڙو ۽ انٽري ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو کڻندڙ شاگرد داخلا لاءِ اهل هوندو.

نون قانونن سان هن سال ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي داخلائن جي اميدوارن جو انگ گهڻو گهٽجي ويندو، جڏهن ته پاڪستان ۾ اي ۽ او ليول ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون فارنر ڪوٽا سان داخلا به نه وٺي سگهنديون.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ملڪ جي سمورن ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو

پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل سنڌ ۽ بلوچستان جي يونيورسٽين جي اسرار تي 8 سيپٽمبر تي داخل ٽيسٽ ٿيندي پر ان ڏينهن محرم الحرام جي جلوسن سبب اهو ممڪن نظر نه پيو اچي.

پي ايم ڊي سي ترجمان جو چوڻ آهي ته نئين تاريخ جو ڪو اعلان ناهي ڪيو ويو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انٽري ٽيسٽ 8 سيپٽمبر تي ئي ٿيندي.

 

You might also like