پي آءِ اي جي سيالڪوٽ کان لنڊن وچ ۾ سڌي ريت اڏام شروع

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) سيالڪوٽ ۽ لنڊن جي وچ ۾ سڌي ريت هفتي وار اڏام جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ لنڊن کان پهرين اڏام اڄ صبح سيالڪوٽ پهتي.

پي آءِ اي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيالڪوٽ ۽ لنڊن جي وچ ۾ سڌي ريت اڏام جي شروعات گذريل هڪ سال دوران پي آءِ اي جو ڏهون نئون روٽ آهي ۽ هيل کان برطانيا ۽ پاڪستان وچ ۾ هفتي وار 20 اڏامون وينديون.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پي آءِ اي عملي مسافر عورت جي حياتي بچائي ورتي

سيالڪوٽ کان لنڊن ويندڙ قومي ايئر لائن جي پهرين اڏام پي ڪي 777 اڄ صبح (11 سيپٽمبر) تي اڏام ڀري.

ان حوالي سان سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي تقريب پڻ رٿي وئي، وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار، پي آءِ اي هيڊ آف سيڪيورٽي ايئر ڪموڊور شاهد قادر، ايس آءِ اي ايل چيئرمين نديم انور قريشي سميت پي آءِ اي جي ٻين اعليٰ اختيارين پهرين اڏام ذريعي ويندڙ مسافرن کي رخصت ڪيو.

ان کان اڳ اڄ صبح اڏام پي ڪي 778 لنڊن کان سيالڪوٽ پهتي، لنڊن جي هيٿرو ايئر پورٽ تان روانگي کان اڳ پي آءِ اي ڪنٽري مئنيجر سراج قاضي ۽ ٻين اختيارين مسافرن کي رخصت ڪيو.

You might also like