پيپلز پارٽي اڳواڻ تاج حيدر جي گھر مان هڪ مهيني دوران ٻيون ڀيرو چوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر تاج حيدر جي گهر مان هڪ مهيني دوران ٻيون ڀيرو  چوريءَ ٿي آهي.

پ پ اڳواڻ تاج حيدر جي گهر ۾ هڪ مهيني دوران 2 چوريءَ جون وارداتون ٿيون آهن.

تاج حيدر جو چوڻ آهي ته جوابدار تالو ڀڃي گهر ۾ داخل ٿي قيمتي سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا.

تاج حيدر چيو ته منهنجي گهر مان هڪ مهيني دوران ٻيون ڀيرو چوريءَ ٿي آهي، آئون ٿر ويل هيس، جڏهن واپس آيس ته  خبر پئي ته چوري ٿي آهي. پوليس کي رپورٽ ڪيو آهي چوريءَ جي جاچ ڪري رهي آهي.