پيءُ غدار پر پٽ محب وطن نڪتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهريت حاصل ڪندڙ گلوڪار عدنان سميع خان پنهنجي تڪراري بيانن سبب اڪثر ڪري پاڪستان ۾ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.

گذريل مهيني عدنان سميع هڪ پاڪستاني سوشل ميڊيا صارف کي جواب ڏنو هو ته والاريل ڪشمير ڀارت جو اٽوٽ انگ آهي ۽ اوهان کي اهڙين شين ۾ ٽنگ نه آڙائڻ گھرجي جيڪو اوهان جو نه آهي  جنهن سبب کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو  ويو هو.

جتي عدنان سميع ڀارت منتقل ٿيڻ کان پوءِ بالي ووڊ انڊسٽري ۾ پنهنجو نالو ڪمائڻ ۾ مصروف آهي اتي هن جو  ۽ اداڪارا زيبا بختيار جو پٽ ازان سميع خان به پاڪستاني شوبز انڊسٽري جو تيزي سان اڀرندڙ ستارو مڃيو پيو وڃي.

اذان سميع خان هن سال عيد تي رليز ٿيل ٻن وڏين پاڪستاني فلمن “پري هٽ لو” ۽ “سپر اسٽار” جي موسيقي ترتيب ڏني.

تازو ئي بي بي سي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اذان سميع پنهنجي ڪيريئر ۽ پيءُ سان پنهنجي واسطي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پنهنجي والد عدنان سميع خان تي ٿيل تنقيد جي حوالي سان اذان سميع خان چيو ته ڪجهه ڏينهن اهڙا هوندا آهن جڏهن مون وٽ منهنجي والد جي حوالي سان ڪيترائي ميسيج ايندا آهن ته ڪڏهن وري خاموشي هوندي آهي، آئون سدائين ان حوالي سان خاموش رهيس، هو منهنجو پيءُ آهي آئون هن جي عزت ڪندو آهيان، اهو سندس فيصلو هو ته هو ڀارت وڃي رهي ۽ ان کي پنهنجو گھر چوي، آئون ان فيصلي جي عزت ڪندو آهيان، جيتوڻيڪ آئون پاڪستان کي گھر ۾مڃيندو آهيان، آئون پاڪستان ۾ ئي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.

هي به ڏسي سگھو ٿا: نوازالدين صديقي به مومنه مستحسن جو مداح نڪتو

ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جي سوال تي هن چيو ته ڀارت ۾ منهنجا گھڻا ويجها دوست موجود آهن، پر پاڪستان منهنجو گھر آهي، هتان جي انڊسٽري منهنجو گھر آهي، آئون ننڍپڻ کان هتان جي ماڻهن سان گڏ رهيو آهيان ۽ مون کي فخر محسوس ٿيندو جڏهن آئون هتان جي انٽرٽينمينٽ انڊسٽري لاءِ ڪجهه ڪندس.

سندس چوڻ هو ته آئون پنهنجي پيءُ سان گڏ رهيو آهيان ۽ هن سان منهنجو واسطو دوستيءَ جو آهي، جڏهن به مون کي ڪو مشرو گھربل هوندو آهي ته آئون هن وٽ ويندو  آهيان، پر آئون هن کي اهو نٿو چئي سگھان ته ڇا صحيح آهي ۽ ڇا غلط.

پنهنجي ماءُ اداڪارا زيبا بختيار جي حوالي سان عدنان سميع جي پٽ چيو ته آئون اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان پنهنجي ماءُ جي ڪري ئي آهيان، هوءَ گهڻي محب وطن عورت آهي.

اذان عدنان سميع اهو به ٻڌايو ته هو جلد هڪ فلم ۾ اداڪاري ڪندي به نظر ايندو جنهن لاءِ هو گھڻو پرجوش ۽ نروس به آهي.

ان فلم جو نالو “پٽخ دي” رکيو ويو آهي جنهن جي شوٽنگ جي شروعات هلندڙ سال جي آخر ۾ ٿي ويندي جنهن ۾ هن سان گڏ هانيا عامر مرڪزي ڪردار نڀائيندي.

You might also like