پوليس اهلڪار ماءُ، ڀيڻ ۽ زال کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي لورالائي ۾ پوليس ڪلرڪ پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ۽ زال کي قتل ڪري ڇڏيو. وارثن کي قتل کان پوءِ جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.

لورالائي ڊسٽرڪت پوليس زيارت جي جونيئر ڪلرڪ ثاقب علي ولد انتظار حسين قوم اعواڻ بخاري اسڪيم لورالائي پنهنجي گهر جيڪو بخاري اسڪيم ۾ موجود آهي ۾ اڻڄاتل سببن تي پسٽل سان پنهنجي 45 سالن جي ماءُ فوزيا بيبي، پنهنجي زال سعيده بيبي ۽ پنهنجي ڀيڻ  گوشا بيبي  کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

ڄاڻايل پوليس اهلڪار بعد ۾ پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. سمورا لاش اسولن اسپتال لورالائي ۾ پوسٽ مارٽم جي لاءِ منتقل ڪيا ويا آهن.

لورالائي پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. وڌيڪ جاچ لورالائي جي مقامي پوليس ڪري رهي آهي. شروعاتي جاچ موجب واقعو گهريلو اڻبڻت تان پيش آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.