پنو عاقل: ڳوٺاڻي پاران پٽ تي ڪارنهن تهمت مڙهيندڙ بااثر خلاف دانهون

عوامي آواز رپورٽ
عوامي آواز رپورٽ

پنو عاقل: ۾ نذير احمد ڪلھوڙو پٽ تي ڪارنهن الزام هڻي اغوا ڪرائيندڙ بااثر وڏيري جي ڏاڍ خلاف احتجاج ڪيو.

نذير احمد ڪلھوڙو پريس ڪلب پهچي دانهيو ته وڏيري اصغر پنھنجي ڀاڻيجي مٿان ڪارنھن جو تمهت مڙهي 10 لک ڏنڊ جي گھر ڪئي آھي، رقم نه ڏيڻ تي وڏيري پنھنجي ڀاڻيجي ولائتان ۽ نوجوان نثار احمد ڪلھوڙو کي گم ڪرائي ڇڏيو آهي.

ھي به ڏسي سگھو ٿا:پنو عاقل: هٿياربندن جو مختيارڪار شبير ڪلهوڙي تي حملو ڪري روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦري ويا

هن چيو ته بااثر بيڏوهي ماڻهن تي ڪارنھن جا ڪوڙا الزام مڙھي زوري ڏنڊ وٺي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندو آھي

متاثرن اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي………………….

You might also like