پرڀو وفا جي شخصيت ۽ شاعريءَ جو مجموعو ”جھنڪار “:وينا شرنگي

پرڀو وفا جي شاعري ماڻڻ  ۽ پڙهڻڻ ۽ کيس مختلف  مشاعرن ۾ ٻڌڻ جو به شرف حاصل ٿيو آهي.وفا سان هڪ اهم ناتو به رهيو آهي جو منهنجو ۽ وفا جو واسطو  سنڌ جي قديم شهر لاڙڪاڻي سان رهيو آهي.سندس جنم عيسوي سنه 1915 ۾ ڳوٺ پنجو ديرو  ۾ ٿيو۽ ورهاڱي بعد سنڌ مان لڏي  هند ۾ ڀارت جي راڄڌاني دهلي ۾ اچي آباد ٿيو ۽ بعد ۾ ممبئي ۾ اچي آباد ٿيو ، جتي گرئجيوشن ڪيائين .انهيءَ شهر ۾ هن مقبول شاعر  زندگيءَ جي سفر کي الوداع ڪيو. وفا جي  شخصيت جا ملاقاتن دوران ۽ شاعريءَ ذريعي  انيڪ پهلو ڏسڻ وٽان مليا  سادگي،وفا عشق حسن ،سندرتا سندس دل جي قريب رهيا ،نوڙت نياز ،ملن سار،حليم سڀاءَ جو  ــ پر جو ڀلو ته پنهنجو ڀلو ــ ڳالهائڻ جو انداز سافٽ ،ڪنهن جي دل نه رنجائڻ ،تنقيد طنز يا ان طرح جي رمارڪ کان ڪوهان پري ،ادبي لڏن جي گروهه بنديءَ کان آجا،نرم لهجو رنگ روپ سُهڻو. سرڪاري نوڪريءَ جي باوجود پنهنجي تخليقي سفر کي به جاري رکيو ۽ شاعريءَ جي مختلف صنعفن  تي ڪيترا معياري  ڪتاب ڏنا.غزل هجن يا گيت ،هائڪو، پنجڪڙا ربايون .

سندس پهريون ڪتاب جھنڪار هو جيڪو(1958ع) ۾ ڇپيو جنهن تي اڳتي هلي نظرثاني ڪنديس.ان بعد ڪئي ڪتاب  وفا ادبي دنيا کي ڏنا.(2) پرواز ربايون1962ع  (3) سرخ گلاب سرها خواب(پنجڪڙا 1980ع) (4) مان ازل جي اُڃ آهيان (شاعري)(5) تون ساگر مان لهر (غزل گيت نظم 1993ع)(6) آئينا ۽ عڪس (هائڪو ٽن لائينن تي آڌارت 1994ع)(7)سج لهڻ تي آهي(2000ع)وغيرهه شامل آهن. سندس شاعري مختلف معگزينن ۾ ڇپجندي رهي.وفا کي پنهنجي ادبي پورهئي جي مڃتا طور ڪيترن اوارڊن سان نوازيو ويو.ساهتيه اڪادمي طرفان  ــ سرخ گلاب سرها خواب ــ تي 1981ع تي اوارڊ سان نوازيو ويو.1990ع ۾ مهاراشٽرا سرڪار طرفان  گئوروُ پرسڪار۽ مهاراشٽرا ساهتيه اڪادمي طرفان 1992ع ۾ انعام ان کان سواءِ ٻيا ڪيترا انعام شامل آهن. هر دور ۾ تخليقڪار کي تنقيد ۽ طنز وارن آزمائشي مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي.ادبي ماڻ ماپن تي  کرو ثابت ٿيڻ لاءِ  پنهنجي قلم ذريعي  وقت ۽ حالات سان  مقابلو ڪرڻو پوندو آهي.تخليقي سفر جي اڙانگين راهن تان محنت  لگن ۽ جستجو ذريعي  وک وڌائڻي پوندي آهي،ڪي ته اڌ ۾ ئي سفر ڇڏي الڳ راهون چونڊيندا آهن،پر وفا وقت جي تيز رفتار سان همقدم ٿي پنهنجي ادبي سفر جون واٽون گھڙي منزل طرف وڌنڌو رهيو،وفا ان  سلسلي۾ فرمائي ٿو ؛ــــ

ڪالهه وفا سان دنيا ڪئي مذاق  گيت پر اُن جا ئي ڳائڻ لڳا(وفا)

وفا جي شاعري تي نارائڻ شيام تاثرات پيش ڪندي چوي ٿو ـــ صداقت سان گڏ جذبات جي گھرائي  ــ احساس جي تازگي ـــ خيال جي شفگتيءَ جو دلڪش ميل .

پرڀو وفا ڇڳاڻيءَ پنهنجو تخلص وفا رکيو ته ٻئي طرف  سندس دور جي همعصر شاعرن  جي تخلص تي نظر ڪريون ته هڪ طرف اُميد ته ٻئي طرف مايوسي نظر ايندي  جيئن شاعرن جا هيءُ تخلصُ ــ دکايل ،دلگير ،فاني خادم ،سڪايل جهڙا تخلصُ نظر ايندا .هاڻي ڏسون ته  وفا پنهنجي تخلص سان شاعريءَ جي تخليقي سفر دوران ڪيتري وفا ڪئي آهي.

دل جي  هر  تار  ڇڙي  پئي، رڳ رڳ ۾ گونج گھڙي پئي

ڪو گھرو گيت صدين جو هو ، سڀ گيان ڌيان ٿئي ڦڪو لڳو(وفا)

وفا پنهنجي پهرين ڪتاب ــ جھنڪار ۾ جيڪو نومبر 1958ع ۾ ڇپيو تنهن ۾ شاعريءَ ۽ سنگيت جي لئه ۽ تال  کي ڌيان ۾ رکي  ڪهڙا گيت رچيا آهن .شاعريءَ جي هن ڪتاب  ــ جھنڪار ــ ۾ جيڪي گيت شامل آهن  تن کي گھڻي ڀاڱي ڳائيندڙ فنڪارن  پنهنجو سُرُ ڏنو آهي.شاعري ۽ موسيقيءَ جو ميل  ان ۾ نمايان طور نظر ايندو. لطيف فن ۾ شاعري  ۽ موسيقي ٻنهي جو هڪ ٻئي سان گھرو رابطو آهي.وليم ورڊسورٿ فرمائي ٿو،شاعري ئي جٽادار آهي “Poetry is the first and last of all the knowledge,it is as imortal as the heart”         پرڀو وفا جي شاعريءَ جي ڪتاب  ــ جھنڪارــ ۾گيت، ڪافي، قوالي، رباعيون، لاڏو ۽ لوڪ ڪهاڻين تي آڌارت گيت ۽ دوگانا شامل آهن .  جذبن جي ترجماني هن طرح ڪئي آهي؛ ــــ

دل تي ڪائي چوٽ لڳي ٿي، جھن جھن نڪري ٿي جنڪار

منُ آهي هڪُ راڳي آکيرو، من جي گونجي مڌر ستار(وفا)

وفا شروع م لکي ٿو جڏهن دل تي ڪائي چوٽ لڳي ٿي تڏهن اندران آواز نڪري ٿو.آواز کي اکرن جو روپ جڏهن ڏجي ٿو تڏهن ڪويتا بڻجي ٿي پوي.ڪويتا کي جڏهن ڪنٺ جو سهارو ملي ٿو تڏهن پکيئڙي سمان پر پائي اُڏامڻ لڳي ٿي.  وفا جي شاعري پڙهندڙن جي دل کي نه صرف ڇهي ٿي پر ان ۾ شامل گيت جڏهن ڳائيندڙ فنڪارن جي ڪنٺ مان نڪرن ٿا ته دل ۽ دماغ تي  ديرپا اثر ڇڏين ٿا، هن لفظن جي اهڙي سهڻي ڪمپوزيشن ڪئي آهي جا دل جي تارن کي ڇيڙي ٿي،خيال جي اُڏام به آهي ٻوليءَ ۾ مٺاس ۽ سوُنهن به نظر ايندي.پهريون گيت سائينءَ جي ساراهه واري عنوان سان ڏنل آهي ،

تنهنجو شهنشاهي شان  سُهڻا يار

تنهنجو هيءُ نور آهي ظاهر ظهور آهي

سونهن تنهنجي آ صبحان سُهڻا يار(وفا)

سائين بيوس جو لاڙڪاڻي جي شاعرن تي اثر صاف نظر ايندو،سائين ڪشنچند بيوس جو  مالڪ جي سارهه  جو گيت آهي،جيڪو دشنت آهوجا تمام سهڻي انداز ۾ ڳاتو آهي.

مهر ڪر مهر جا والي  نماڻن ماڻ تون

جنهن ۾ نت آهي منهنجي چڱائي  ڏي سکي ڪا ڏاڻ تون ……

وفا جي شاعريءَ ۾ لفظن جي بيهڪ  شاندار نموني واري آهي،لفظن جي چونڊ  اُن سان ٺهڪندڙ هجي  ته سون تي سهاڳي وارو روپ اختيار ڪري ٿي.شاعريءَ ۾ جي جذبات ۽ تصور جو سنگم ٿئي ٿو ته اُن جي ڪشش نرالي بڻجي پوي ٿي، ــ جھنڪار ــ ۾ شامل ڪي گيت فلمن ۾ به فلمايل آهن،جنهن ۾ سّر تال ردم  آهي ۽ لفظن جي اهڙي ڪمپوزيشن ٿيل آهي جو ٻڌڻ ۾ لطف اچي ٿو.ان طرح جي فني ڪاريگري شاعر فلم اباڻا ۾  جي هن گيت ۾ ڏيکاري آهي.جنهن کي سروج ريجھسنگھاڻيءَ ڳاتو آهي.گيت کي عنوان ڏنو آهر پرتگيا ؛ ـــــــ

جيسين جان ۾ باقي دم رهندو

دل ۾ وڇوڙي جو غم رهندو

پڇاڙيءَ ۾ فرمائي ٿو

وٽ سوري وفا پئي سورينديس

در تو لاءِ پٽيو هردم رهندو

هن گيت ۾ ميلوڊي  به آهي،شاعري ۽ موسيقي جو سهڻو ميل به آهي.جھڙي طرح لفظ وٽ سورڻ جو پڇاڙي ۾ استعال ڪيو ويو آهي،اُهو وڻندڙ ۽ گيت ۾ جان وجھندڙ آهي.اوتري ئي پياري انداز ۾ ڳائيندڙ  فنڪارا ڳاتو آهي.سي ارجن ان جي موسيقي ترتيب ڏني آهي،ٻول من اندر پيهي وڃن ٿا.ان طرح جا ٻيا به گيت رچيل آهن،هتي مان  ٻن گيتن جا مثال ڏيڻ چاهينديس هڪ ڪملا جھانگياڻيءَ جي آواز ۾ آهي هن فنڪارا کي ڪلاسيقي موسيقيءَ جي ڄاڻ هئڻ ڪري گيت ۾ آواز جي اتار چڙهاءُ سان جان ڦوڪي ڇڏي آهي.                                                                توکي  سڄڻ سنڀاري هنجون هزار هاريان

تو آ ڇڏيو وساري آئون توکي ڪيئن وساريان.

پلڪون ڇڏيم پساري  تو لاءَ پرين پٽن تي

بهي اُڀي پٻن تي  واهون پئي نهاريان(وفا)                             .

لفظ پٻن جو تمام سهڻي نموني استعمال ڪيو آهي.شاعري ۽ موسيقي جي ميل سان  روح کي راحت پئي ملي.چندرو آتما  جي پيشڪش به شاندار آهي.

کڻي نيڻ ڪوئي نهاري رهيو آ

ڪوئي ياد ۾ آنسون هاري رهيو آ

اُڏي عرش تي  کوج ۾ ڪونج آهي

اُٿي دل ۾ آواز جي گونج  آهي

ڪوئي دور مونکي پڪاري رهيو آهي ……

شاعريءَ ۾ عام ٻول چال وارا لفظ استعمال ٿيل آهن.ان گيت ۾ موسيقي ،ميلوڊي،مٺاج ۽ منظرڪشي ذهن ۽ دل تي  کي نه صرف ڇهن ٿا پر روح کي راحت به بخشين ٿا. پڇاڙيءَ واريون لائينو به تمام سهڻيون آهن. ؛ ـ

انهن گيتن ۾ ڪي مُهاورا ،استعارا يا چوڻيون ڪونه آهن.لفظ روزمرهه  جي ٻوليءَ ۾ استعمال ڪرڻ وارا آهن.انهيءَ جي باوجود گيتُ دل کي ڇهي ٿو.شاعر، ڳائيندڙ فنڪار،۽ موسيقار هر هڪ فن سان نڀاءُ ڪيو آهي.ڪملا ڪيسواڻي ۽ گرداسمل  جو ڳاتل لوڪ ڪهاڻي  عمر مارئيءَ وچ ۾ سوال جواب تي آڌارت دوگانو آهي.عمر چوي ٿو ــ

وطن نه ياد ڪر  تون مارئي قسم الله جو توکي

ٻئي طرف مارئي چوي ٿي ــــ قيد مان ڪر آزاد قسم الله جو  سومرا توکي

شاعريءَ جي مجموعي ۾ لوڪ ڪهاڻين نوري ڄام تماچي،عمر مارئي،مومل راڻو، سهڻي  ميهار تي  آڌارت دوگانا ڏنل آهن. دراصل انهن کي اهڙيءَ طرح چولو اوِڙهايو ويو آهي،جو اهي  لوڪ ڪهاڻين تي آڌارت گيت اسٽيج تي آڻي سگھجن ٿا.يا اهي فلمائي به سگهجن ٿا.وڻجاري جي سفر ۽ ان جي جيون سنگني جي جذبات کي ــ سامونڊي ــ عنوان تحت دوگاني ۾ قلمبند ڪيو آهي.وفا سنڌڙي کي به ڪونه وساريو آهي ،سهڻي نموني  جذبن جو اظهار ڪيو آهي.هو فرمائي ٿو؛ ــــ

هڪ درد ڀري دل جي ٻڌايان ٿو ڪهاڻي

اڄ سنڌ کي ساري ٿيون وهائن اکيون پاڻي

منهنجي ولائت جي سفرنامي ــ وايون وڻجارن جون ــ  جو مهاڳ لکندي ــ کيس لنڊن ۾  وطن جي سار ستايو اُن شعر جواُتي تصور ڪيو جنهن ۾ فرمائين ٿا ؛ ــــ

ويٺي ويٺي  هو ولائت ۾ وطن ياد آيو

درو ديوار گھر جو چمن ياد آيو(وفا)

شاعري جي مجموعي جھنڪار ۾  جيڪي غزل ڏنل آهن تن ۾ فارسي شاعريءَ  جي اثر جو هڳاءُ ۽ اُڙدو فارسي  جا لفظ  به نظر ايندا. جھڙوڪ بلبل،جام شراب،آب حيات،ميخانو،هم آغوش،،آشيانو.شب فرقت، حسن بي نقاب،ڇلڪي پيو جام،يار جا زلف وغيرهه  پر اهي لفظ شاعريءَ ۾ اوپرا نه ٿا لڳن بلڪ ٺهڪي بهن ٿا. سترام روهڙا هڪ غزل ڳاتو آهي

نگاهه مست هميشه هٿن ۾ جام رهي

شراب حسن جو  هت دور صبح شام رهي

يا وري بلي.سي.راڻي جو ڳاتل گيت

موسم گلن جي آئي تو دير ڇو لاڳائي

چهه چهه پکين  مچائي ــ تو دير ڇو لڳائي

دراصل هي شاعريءَ جو ڪتاب فنڪارن جي ڳائڻ لاءِ  خاص طور وفا لکيو هو،ڪتاب جي شروع ۾ ڇپائيندڙ اديب سڳو مل  لکي  ٿو ــ سنگيت سان دلچسپي هئڻ ڪري،هو صاحب  اسان جي سُر ۽ لئه  کي اڳيان رکي ئي ڪلام لکندو رهيو.ڳائيندڙ فنڪارن جي ضرورت موجب  ڪويتائون قلمبند ڪيون،ڪلاڪار آڪاشواڻي دهليءَ تان ڳائيندا رهيا ،ٻن اکرن ۾ هو صاحب لکي ٿو  ــ ان ڪتاب جي پهرين ڇاپي جون پنج سئو ڪاپيون کپجي ويون.

گورڌن ڀارتي به اهڙو شاعر هو جيڪو ڏنل سٽيوئيشن  ۽ طرزن تي گيتن جي رچنا ڪندو هو ،ريڊيو ۽ فلمي دنيا جي حوالي سان ۽ اسٽيج تي سندس گيتن جي ڌوم رهي.گورڌن ڀارتيءَ جيان وفا ريڊيو  لاءِ  ميوزيڪل فيچر به لکيا سنگيتڪار سي.ارجن ۽ بولي.سي.راڻيءَ جي انهن سنگيت ڏنل  ميوزيڪل فيچر هوائن جي دوش  تي پرواز ڪري هند سنڌ جي ٻڌنڌڙن جي دلين ۾ جاءِ جوڙي.

وفا جي گھر ۾ سنگيت جو ماحول رهيو  جو سندس ڀينر ڪملا ۽ شيلا  گيتن کي سُر ڏينديون هيون.ميڊ ـ ٽو ـ آرڊر تي گيتن جي رچنا ڪرڻ تي شاعر جي شاعريءَ تي اثر پوڻ لازمي آهي. ــ جھنڪار ـ ۾ به ان طرح جي شاعري نظر ايندي 1958 ۾ هي ڪتاب ڇپيو آهي  ۽ اُن دور جي فلمي هيروز  راج ڪپور،دليپ ڪمار، ۽ ديوآند جھڙن ائڪٽرن  جو اثر  ڏسو ـــ هلڪو ڦلڪو انداز ــ

ڪو ديوآنند ڪوٺائي ڪو روميو سڏائي ٿو

ڪٿي ڪو راج ۽دليپ  جي صورت بڻائي ٿو  …..

هتي صرف ٻه لائينو ڏنيون آهن جي عورت جي واتان چوايل آهن ٻئي طرف مرد ان جي جواب ۾ چوي ٿو ــ

عورتن کي نه  محبت پيار  گھرجي ٿو

نه دل گھرجي ،مڻيو ڳهڻو ۽ موٽر ڪار گھرجي ٿو

هي دوگانو  گوپ ۽ گيتا باليءَ تي فلمايل  گيت جو ٻيو روپ آهي …… آج ڪل ڪي ناريان  ڪام ڪڇ ڪرتي نهين باندتي هئه ساڙيان………آج ڪل ڪي جئنٽل ميئن…………ان طرح وفا جون هڪ ٻه ٻيون رچنائون به آهن جيڪي فلمي گيتن جي اثر هيٺ لکيل آهن هلڪو ڦلڪو شاعريءَ جو انداز،سندس شاعري جي ٻئي ڪتاب  ۾ شامل هڪ غزل آهي  مُنهن مومل….. جو اُهو فلمي گيت چاند سهانا لگتا هئه  ……. ان طرز تي  لکيل آهي   ساڳيءَ طرح مجموعي ــ  جھنڪار ـ ۾ هڪ ٻيو گيت آهي ۽ هڪ قوالي  به فلمي ٻولن جي ڦير گھير  ڪري تيار ڪيل آهي ،ميڊ ٽو آرڊر  تي رچناڪار طرفان  تيار ڪيل  گيت اهو ئي روپ اختيار ڪندا.  ان کي مان هڪ طرح وفا جي ڪمزوري يا شروعاتي دور ۾ جوانيءَ جي سرور ۾ فلمي ماحول جي رنگت جو اثر چوان .

شروعاتي دور جي ان شاعراڻي انداز  جي باوجود  وقت جي رفتار سان قدم ملائي وفا پڪو  پختو شاعر بڻجي اڀريو ،شاعريءَ جي  کيتر ۾ سندس حاصلاتن کي وساري نه ٿو سگھجي .شاعريءَ جي مجموعي جھنڪار  متعلق هري درياني دلگير لکي ٿو ــ  ان ۾ شاعري کان وڌيڪ سنگيت آهي، ڪن جو چوڻ هو جھنڪار ۾  ـــ جھنڪار آهي ،شاعري خير  ڪا آهي.

پڇاڙيءَ ۾ چونديس  وفا جي شاعريءَ ۾ ردم آهي ،رومانس آهي ،انڊلٺي رنگت ۽ منظرڪشي آهي.درد وڇوڙو،  حسن عشق ،پيار محبت ،گيتن ۾ لئه تال  ،جذبن ۽ احساسن  ۽ خيال جي اُڏام  به جا روح کي راحت بخشيندڙ آهي.پڇاڙيءَ ۾   سندس ئي شاعريءَ سان خراج پيش  ڪندي اجازت وٺنديس.

پکيئڙو ته ويندو  هي پرواز ڪري

نه بل بل ئي رهندي نه بوستان

وفا پنهنجي تخليقن ذريعي زندهه رهندو اهڙو ڀروسو آهي  آمين!  موڪلاڻي ناهي سدائين گڏ !

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.