پراميد انسان ڊگهي ڄمار ماڻيندو آهي

بوسٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين سروي مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پراميد ماڻهو نه رڳو بهتر زندگي گذاريندا آهن پر اهي ڊگھي عمر به ماڻيندا آهن.

پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنس ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ پهريون ڀيرو پراميد ماڻهن ۽ انهن جي ڊگھي زندگي وچ ۾ واسطو بيان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ خاص طور تي عمر جي غير معمولي واڌ جو به مشاهدو ڪيو ويو يعني 85 ورهين کان وڌيڪ زندگي کي به نوٽ ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ ڊگھي حياتي ماڻيندڙ ماڻهن ۾ جينتياتي، طبي ۽ فعلياتي عمل کي ئي ڏٺو ويو هو پر پهريون ڀيرو پراميد ۽ بلند حوصلي وارن ماڻهن کي ان مطالعي ۾ شامل ڪيو وي آهي جيڪي غير حياتياتي عمل آهن.

اها تحقيق بوسٽن يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن ۾ ٿي جتي نفسيات جي پروفيسر ليونا او لي ۽ سندس ساٿين ان تي ڪم ڪيو آهي. هن موجب اسان پراميد هجڻ جهڙي نفسياتي روين ۽ صحت تي گھٽ تحقيق ڪندا آهيون پر پراميد هجڻ جو عمل حقيقت ۾ مستقل جي بهتر هجڻ جو يقين آهي جيڪو انسان کي اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏيندو آهي.

ان ڪري ماهرن نرسز هيلٿ اسٽڊي جي پروگرام ۾ شامل 69،744 عورتن ۽ فوجين بابت ڊگھي عمر جي مطالعي ۾ شامل 1429 مردن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو. پهريان 2004ع ۾ ان کي شروع ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ 2014ع ۾ ان جو ٻيهر جائزو ورتو ويو (فالواپ) ورتو ويو. تحقيق ۾ شامل ڪيل ماڻهن کان خوراڪ، روزش، شراب ۽ سگريٽ پيئڻ بابت پڇو ويو.

پر سڀ کان اهم سوال اهو به ڪيو ويو هو ته هو گھڻو وقت پراميد رهندا آهن يا هو مايوس هوندا آهن؟

اهڙي طرح نااميدي ۽ پراميدي جا پنج درجا رکيا ويا هئا جيڪي هڪ قسم جي ماپي کي ظاهر ڪندا هئا. پهرين ڏهن ورهين ۾ 13 سيڪڙو عورتون فوت ٿي ويون ۽ 30 ورهين جي فالو اپ ۾ 70سيڪڙو مرد لاڏاڻو ڪري ويا. ڊيٽا مان خبر پيئ ته جيڪي عورتون ۽ مرد سڀ کان بلند درجي تائين پراميد رهيا اهي ٻين جي ڀيٽ ۾ 11 کان 15 سيڪڙو وڌيڪ وقت تائين زندهه رهيا.

ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪي ماڻهو عمر جو گھڻو وقت پراميد رهندا آهن انهن ۾ 85 ورهين جي ڄمار جا امڪان 50 کان 70 سيڪڙو تائين وڌي ويندا آهن.

ان جو سبب اهو آهي اميد جسم تي هاڪاري اثر وجهندي آهي.