پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ سيريز جون ميچون ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو اعلان ڪيو ويو آهي، 10 محرم الحرم کانپوءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿيندو، جنهن لاءِ پهرين مرحلي ۾ آن لائن ۽ پوءِ نجي ڪوريئر ڪمپني ذريعي ٽڪيٽون موجود هونديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽڪيٽن جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 5 سئو رپيا رکي وئي آهي، جڏهن ته وي وي آءِ پي انڪلوزر جي ٽڪيٽ 3 هزار رپين تائين ملڻ جو امڪان آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پاڪستان سان سيريز، سريلنڪن سيڪيورٽي وفد مطمئن

پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز 27 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي، مهمان ٽيم ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ڪراچي ۾ کيڏندي، جڏهن ته 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون لاهور ۾ ٿينديون.

ڪراچي ۾ 3 ون ڊي ميچون 27 سيپٽمبر، 29 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي شيڊيول آهن، جڏهن ته لاهور ۾ 5، 7 ۽ 9 آڪٽوبر تي ميچون ٿينديون.

You might also like