پاڪستان وڌيڪ هڪ شعبي ۾ مارَ کائي ويٺو…

 

ڪلوگني (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هونئن ته سياحت جا ڪيترائي خوبصورت هنڌ موجود آهن پر ڌيان نه ڏيڻ سبب هي ملڪ سياحت جي شعبي ۾ دنيا جي غير موزون ملڪن ۾ شامل آهي.

ورلڊ اڪنامڪ فورم طرفان 2019 جي جاري ڪيل فهرست موجب سياحت جي شعبي ۾ دنيا جي 140 ملڪن ۾ پاڪستان 121هين نمبر تي آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: آزاد ڪشمير ۾ سياحت جا وڏا موقعا موجود آهن: وزيراعظم

فهرست موجب ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ اسلام آباد غير موزون سياحتي ملڪن مان هڪ آهي.

دنيا جي سياحتي ملڪن ۾ پاڪستان جو غير موزون ملڪن ۾ شامل ٿيڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ملڪ کي سياحتي انفرا اسٽرڪچر، سيڪيورٽي ۽ بهترين سروس جي فراهمي جي ضرورت آهي.

ايشيا جي بهترين سياحتي ملڪن ۾ اسلام آباد جو پاڙيسري ملڪ چين ٽاپ تي آهي، جڏهن ته ان فهرست ۾ جاپان جو چوٿون نمبر آهي.

You might also like