پاڪستان هميشه ڪهڙي ڳالهه ڪئي….؟ مليحا لوڌي اهم ڳالهه ڪري ڇڏي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغان امن ڳالهين جي جلد بحالي تي زور ڏنو آهي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي جو چوڻ هو ته پاڪستان هميشه چيو ته افغانستان جو حل فوجي ناهي،  ڳالهيون آهن.

تفصيل موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي سلامتي ڪونسل ۾ افغانستان تي مباحثي کي خطاب ڪيو. پنهنجي خطاب ۾  سندس چوڻ هو ته ڳالهين واري عمل کي رسيل تازي ڌڪ سان امن جي ڪوششن ۾ گهٽتائي نه اچڻ گهرجي.

مليحا لوڌي چيو ته پاڪستان هميشه چيو ته افغانستان جو حل فوجي ناهي، ڳالهيون آهن، آمريڪا ۽ طالبان معاهدي جي ڀرسان پهچندي  نظر پيا اچن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ڀارتي جارحيت جي نگراني جو طريقي ڪار وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي: مليحا لوڌي

پنهنجي خطاب ۾ هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ امن ڪوشش ۾ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

ان کان اڳ هڪ موقعي تي پاڪستاني سفير جو چوڻ هو ته پاڪستان هميشه افغانستان ۾ امن کي حاصل ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي، عالمي برادري به پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو آهي.

هن چيو ته قيام امن جي ڪوشش لاءِ چيش چيلنجن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڳالهين سان ڊگهي عرصي واري امن کي قائم ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا.

مليحا لوڌي جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن ۽ مضبوطي خطي جي وسيع مفاد ۾ آهي، افغانستان جي مسئلي جو حل فوجي ناهي.

You might also like