پاڪستان جي دوري لاءِ سريلنڪا جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيمن جو اعلان

 

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ 10 سينيئر رانديگرن کي پاڪستان جي دوري لاءِ راضي نه ڪري سگهيو، جنهن کانپوءِ موجود رانديگرن جي جي نالن جو اعلان ڪيو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪپتانن سوڌو 10 مک سريلنڪن رانديگر پاڪستان اچڻ کان انڪاري

پاڪستان جي دوري لاءِ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان لهيرو ٿريماني کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊاسن شناڪا ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي اڳواڻي ڪندو.

سريلنڪا جي ون ڊي اسڪواڊ ۾ لهيرو ٿريماني (ڪپتان)، دنوشڪا گناٿلاڪا، سديرا سماراوڪراما، آوشڪا فرنينڊو، شيهان جئي سوريا، ڊاسن شناڪا، مينوڊ ڀانوڪا، انجيلو پريرا، وننڌو هاسارنگا، لڪشن سينڊاڪن، نوان پرديپ، اسورو اڊآنا، ڪاسن راجٿا ۽ لهيرو ڪمارا شامل آهن.

ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ ڊانس شناڪا (ڪپتان)، دنوشڪا گناٿلاڪا، سديرا سماراوڪراما، آوشڪا فرنينڊو، شيهان جئي سوريا، انجيلو پريرا، ڀانوڪا راجا پاڪسا، مينوڊ ڀانوڪا، لهيرو مدوشنڪا، وننڌو هاسارنگا، لڪشن سينڊاڪن، نوان پرديپ، ڪاسن راجٿا، لهيرو ڪمارا ۽ اسورو اڊآنا کي کنيو ويو آهي.

You might also like