پاڪستاني فلم “ڊارلنگ وينس فلم فيسٽيول“  ايوارڊ کٽڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شارٽ فلم “ڊارلنگ” وينس انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ بهترين ننڍي شارٽ فلم ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

فلم ڊارلنگ لاهور سان واسطو رکندڙ نوجوان شاني ۽ هڪ مخنث ( هڪ اهڙو شخص جنهن ۾ عورت ۽ مرد ٻنهي جون صفتون هجن) ملينا جي دوستي تي ٻڌل فلم هئي جنهن جو ورلڊ پريميئر وينس فلم فيسٽيول ۾ ٿيو.

الينا جو ڪردار الينا  الينا خان ادا ڪيو جيڪا لاهور سان واسطو رکندڙ مخنث عورت آهي.

ان فلم جون هدايتون 28 ورهين جي صائم صديق ڏنيون جيڪو لاهور سان واسطو رکندڙ آهي ۽ هن وقت ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.

اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو هڪ پاڪستاني فلم جي اسڪريننگ وينس فلم فيسٽيول ۾ ٿي ۽ اها ايوارڊ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: ڪشميرين لاءِ آواز اٿارڻ تي ارمينا خان کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون… 

وينس فلم فيسٽيول کي فلمي دنيا جو سڀ کان پراڻو فلمي فيسٽيول قرار ڏنو ويندو آهي ۽  فلم ڊارلنگ کي بيسٽ شارٽ فلم جو Orizzonti  ايوارڊ ڏنو ويو.

ڊارلنگ پهرين پاڪستاني فلم آهي جيڪا 3 وڏن فلم فيسٽيولن معني ڪانز، برلن ۽ وينس ۾ پيش ڪئي وئي.

فلم جي ڊائريڪٽر پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته آئون اميد کان سواءِ فلم جو نالو موڪليو هو ته متان ان کي چونڊيو وڃي، پر اها خوشقسمتي هئي يا ڪجهه ٻيو جو فلم کي چونڊيو ويو.

هاڻ ان فلم  کي 10سيپٽمبر تي ٽورنٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ به پيش ڪيو ويندو.

واضح رهي ته مخنث عورت جي معنيٰ ( هڪ اهڙو شخص جنهن ۾ عورت ۽ مرد ٻنهي جون صفتون هجن) آهي.