پاستا تيار ڪرڻ جو سولو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاستا هڪ اهڙي ڊش آهي جيڪا ٻار ۽ وڏا سڀئي شوق سان کائيندا آهن پر هر ڀيري ٻاهر وڃي کائن کان بهتر چونڊ ان کي گھر ۾ پاڻ تيار ڪرڻ آهي.

هونئن ته ڪراچي جي ريسٽورنٽس ۾ اها ڊش هر قسم جي انداز ۾ موجود هوندي پر گھر ۾ تيار ڪرڻ جو هڪ فائدو اهو آهي ته اوهان ان ڊش کي وڌيڪ صفائي سان ۽ احتياط سان تيار ڪري سگھو ٿا.

اھا ڊش اٽالين کاڌن جو حصو آهن، ان ذائقيدار ڊش کي تيار ڪرڻ هڪ آرٽ آهي ۽ اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: ڪدو جو رائتو

پر اسان هتي اوهان کي اها ڊش تيار ڪرڻ جو اهڙو طريقو ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن کي اوهان گھر ۾ آزمائي اٽالين پاستا تيار ڪري سگھو ٿا.

ٽماٽي، تلسي، ڌاڻن سان پاستا تيار ڪرڻ جو طريقو

شيون:

650 گرام پاستا

450 گرام ٽماٽا

اڍائي چمچا زيتون جو تيل

10 تلسي جا پن يا ڌاڻن جي ويڙهي

4 چمچا پارميگيانو (اٽالين) پنير

2 چمچا پيٺل ٿوم

ذائقي موجب لوڻ ۽ مرچ

پاستا کي اٻارڻ کان پوءِ پاڻي مان ڪڍي ڌار رکي ڇڏيو.

ٽماٽي کي 10 سيڪنڊن لاءِ گرم پاڻي ۾ ٻوڙڻ کان پوءِ ڪڍي هڪ منٽ تائين برف جي ٿڌي پاڻي ۾ رکو.

ان کان پوءِ ٽماٽي کي ڪڍي خشڪ ڪيو ۽ ان جا ٽڪر ڪيو.

هڪ ٿانو ۾ بصر کي زيتون جي تيل سان ڀڃڻ کان پوءِ ان ۾ ٽمامو وجهي ذائقي موجب مرچ ۽ لوڻ وجهو

هاڻ ۾ اٻريل پاستا وجهي ان ۾ تلسي جا پن يا ڌاڻا وجهي پنير مڪس ڪيو. اوهان جو پاستا کائڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like