آمريڪا ٽي ٽي پي سربراهه سوڌو 13 ڄڻن کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا نائن اليون جي 18 هين ورسي تي ٽي ٽي پي سربراهه نور ولي محسود سوڌو ٻين پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطو رکندڙ 13 ڄڻن کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو.

آمريڪي پرڏيهي کاتي داعش، حزب الله، حماس، فلسطين اسلامي جهاد ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان واسطو رکندڙ 13 ڄڻن کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو. ٻئي پاسي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي به داعش، القاعده، حماس ۽ پاسداران انقلاب سان واسطو رکندڙ 15 ڄڻن کي دهشتگرد قرار ڏيندي انهن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

آمريڪا جي پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب انهن ماڻهن کي عالمي دهشتگرد قرار ڏيڻ جو مقصد کين دهشتگردي جي منصوبابندي ۽ ان تي عمل کان روڪڻ آهي، انهن سڀني ماڻهن جي اثاثن ۽ ملڪيتن تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ماڻهن کي انهن سان هر قسم جي ڏي وٺ کان روڪيو ويو آهي.

جون 2018ع ۾ ملا فضل الله جي مارجڻ کان پوءِ مفتي نور ولي محسود ٽي ٽي پي سربراهه طور ذميواري سنڀال هئي. ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد حملن جي ذميواري قبول ڪئي هئي.

عالمي دهشتگرد قرار ڏنل ٻين ماڻهن ۾ فلسطيني تنظيم حماس جو عزالدين قسام، برگيڊ جو نائب ڪمانڊرز مروان عيسيٰ، فلسطين اسلامڪ جهاد جو نائب سيڪريٽري جنرل محمد الهندي، فلسطين تنظيم القدس برگيڊ جو ڪمانڊر بها عبدالعطا، حزب الله جا 4 سينيئر اڳواڻ علي ڪاراڪي، محمد حيدر، فواد شاڪر ۽ ابراهيم عاقل، داعش جا 3 سينيئر اڳواڻ حاجي تيسر، ابوعبدالله ابن عمر البر ناوي ۽ حاطب حاجان سواد جان جڏهن ته القاعده جو حراس الدين ۽ فاروق السوري شامل آهن.

You might also like