مورو: آبادگارن پاران ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس نه ملڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
مورو: آبادگارن پاران ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس نه ملڻ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ مورو: آبادگارن پاران ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس نه ملڻ خلاف احتجاج

 

موري ۾ آبادگارن پاران ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

آبادگارن غلام مصطفيٰ ۽ محمد اسماعيل ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي پوليس جي لاپرواهي خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته ٽول پلازا ويجهو 2 سال پهريان هٿياربند 3 ٽر  يڪٽر ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جن خلاف پوليس کي دانهن ڏني پر اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي.

سندن چوڻ هو ته قسطن تي ورتل ٽر يڪٽر واپس نه ٿيڻ ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڦر ٿيل ٽر يڪٽر واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي

You might also like