ڪراچي ۾ ٽرالر ڊرائيور جو ٽريفڪ اهلڪار تي تشدد، اهلڪار بيهوش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائيٽ ايريا جي علائقي حب ريور روڊ تي ٽرالر ڊرائيور ٽريفڪ پوليس اهلڪار کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب ٽريفڪ پوليس اهلڪار بيهوش ٿي روڊ تي ڪري پيو.

بلديا ٽائون فيڪٽري ويجهو ٽريفڪ پوليس اهلڪار ٽرالر ڊرائيور کي هيوي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيل شاهراهه تي وڃڻ کان روڪيو جنهن تي ٻنهي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن تي ڊرائيور ٻين ماڻهن سان گڏجي ٽريفڪ پوليس اهلڪار کي تشدد جو نشانو بڻايو.

واقعي جي ويڊيو منظر عام تي اچي وئي جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ٽريفڪ پوليس اهلڪار ٽرالر ڊرائيور کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته کيس ڌِڪا به ڏنا وڃن ٿا.

karachi truck driver beat traffic police cop

In karachi a truck driver tharshed traffic police cop after scuffleکراچی میں ٹرک ڈرائیور کے تشدد سے ٹریفک پولیس اہلکار بے ہوش

Gepostet von Entertainment am Donnerstag, 12. September 2019

 

ان کان پوءِ بيهوش ٽريفڪ پوليس اهلڪار کي اسپتال منقتل ڪيو ويو جتي هن جي سڃاڻپ حاصل نالي سان ٿي جيڪو بلديا ٽائون ٽريفڪ سيڪشن ۾ مقرر آهي.

هوڏانهن  ڊي آءِ جي ٽريفڪ جاويد علي مهر ۽ ايس ايس پي ٽريفڪ ويسٽ ڊاڪٽر نجيب واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like