يوم عاشور اسان کي قرباني جو درس ڏئي ٿو: گورنر سنڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ عمران اسمائيل چيو آهي ته امام حسين رضه پنهنجي جان نثار ساٿين سان گڏ باطل جي خلاف اسلام کي زندهه ڪيو.

گورنر سنڌ عمران اسماعيل يوم عاشور جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته يوم عاشور اسان کي قرباني جو درس ڏئي ٿو، يوم عاشور تي ڏنل قربانين کي قيامت تائين ياد رکيو ويندو.

هن چيو ته جيڪي ماڻهون ان کان فرار ٿيڻ جو رستو اختيار ڪندا آهن انهن جو نالو قائم ناهي رهندو، امام حسين رضه جان نثار ساٿين سان گڏ باطل جي خلاف اسلام کي زندهه ڪيو.

عمران اسماعيل چيو ته حضرت امام حسين رضه شهادت جو رستو اختيار ڪيو، اڄ جي ڏينهن اسان کي اهو واعدو ڪرڻو پوندو ته ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: ڪربلا جيان ڪشمير به حق ۽ باطل جي جنگ جو هڪ عظيم مثال آهي:…

سندس چوڻ هو ته اسان ڀائر ۽ ڀينرون آزادي لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن، پاڪستان قوم ڪشميرين جي حمايت رت جي آخري ڦڙي تائين جاري رکندي.

واضح رهي ته اڄ حضرت امام حسين رضه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سموري ملڪ ۾ يوم عاشور مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو ويو جڏهن ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

You might also like