وڌيڪ آمريڪي جانيون ضايع ٿينديون… طالبان جي ڌمڪي

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر طرفان افغان امن ڳالهين جي معطلي تي طالبان ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ان جو سڀ کان وڌيڪ نقصان آمريڪا کي ئي پهچندو، وڌيڪ آمريڪي جانيون ۽ اثاثا ضايع ٿيندا.

افغان طالبان جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي ٽيم سان ڳالهيون فائديمند رهيون ۽ معاهدو مڪمل ٿي چڪو هو، ڌريون معاهدي جي اعلان ۽ صحيح جي تيارين ۾ مصروف هيون ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ترمپ ڳالهين جو سلسلو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: امن عمل جي معطلي تي ڪابل حڪومت جو ردعمل

سندس چوڻ هو ته مان ڳالهيون ختم سان سڀ کان وڌيڪ نقصان آمريڪا کي ئي پهچندو، ان جو اعتماد ۽ ساک به متاثر ٿيندي، آمريڪا جو امن مخالف رويو واضح ٿي دنيا جي سامهون اچي ويو آهي.

هن چيو ته اها جنگ اسان تي مڙهي وئي آهي، جيڪڏهن جنگ بدران ڳالهيون ڪيون وڃن ته آخر تائين ان لاءِ تيار آهيون ۽ آمريڪا سان سمجهوتي جي پوزيشن ۾ واپس اچڻ جي اميد رکون ٿا.

طالبان ترجمان چيو ته 18 ورهين جي جدوجهد آمريڪا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسان پنهنجو وطن ڪنهن جي حوالي نه ڪنداسين، امن ڳالهين جي معطلي سان وڌيڪ آمريڪي جانيون ۽ اثاثا ضايع ٿيندا.

You might also like