وقت کان اڳ ڪراڙپ ۽ چهري تي گھنج ڇو…؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وقت کان اڳ پوڙهائپ ۽ چهري تي گھنج ڪنهن کي به  پسند ناهن هوندا پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته هڪ عام شيءِ اوهان کي ان جو شڪار بڻائي سگھي ٿي؟

جي ها اها ڳالهه نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

تحقيق موجب ذهني دٻاءَ جو شڪار رهڻ پوڙهائپ طرف جي سفر کي گھڻو تيز ڪري ڇڏيندو آهي.

25 ورهين کان وڌيڪ عمر جي 2 هزار عوتن تي تيل ان تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ذهني دٻاءُ جلد تي خراب اثر وجهندو آهي جڏهن ته هارمون جو نظام به عدم نوازن جو شڪار ٿي ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ وقت کان اڳ پوڙهائپ جو خطرو وڌي ويندو آهي.

تحقيق ۾ انڪشاف به ڪيو ويو آهي ته روز گھر کان ٻاهر  نڪري آفيس طرف سفر به انساني جلد تي ظاهري ناڪاري اثر وجهندو آهي جنهن جو سبب ماحولياتي گدلاڻ آهي.

ماحولياتي گدلاڻ جي نتيجي ۾ ماڻهو هڪ سگريٽ جي ڀيٽ ۾ ٽئي سئو سيڪڙو وڌيڪ اهڙي نقصان پهچائيندڙ جزن کي جسم جو حصو بڻائي ٿو  جيڪي پوڙهائپ طرف سفر کي تيز ڪري سگھن ٿا.

تحقيق موجب انهن اثرن کان بچڻ لاءِ وٽامن سي مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي ته جيئن گدلي هوا خلاف جسماني دفاعي نظام جدوجهد ڪري سگھي.

تحقيق موجب ڏينهن جو ڪجهه وقت فڪرمندي يا دٻاءَ هارمون جو توازن بگاڙڻ جو سبب بڻبو آهي جنهن سبب چهري تي ڇانوان، موهيئڙا ۽ گھنج پوڻ شروع ٿي ويندا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.