وفاقي وزير پاران ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير  ۽ ڪراچي جي حوالي سان وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر فروغ نسيم پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪراچي ۾ ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت وٽ آرٽيڪل 149 تحت اختيار استعمال ڪرڻ جو هاڻ صحيح وقت آهي.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي فروغ نسيم چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۽ سموري سنڌ کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ته ائين نه هلندو ڇو جو پ پ جي حڪومت آهي ان جي ڪم جو نتيجو اوهان جي سامهون آهي.

هن چيو ته مئسلو اهو آهي ته ڪراچي سموري سنڌ کي ڪيترو ريونيو ڏئي ٿو ۽ ڪراچي تي ڪيترو خرچ ٿئي ٿو ان جو تناسب متوازن نه آهي جيڪڏهن 11 ورهين ۾ ڪجهه خرچ نه ٿئي يا ترقي لاءِ خرچ نه ٿي رهيو هجي ۽ آدم شماري به غلط هجي ۽ هڪ ڪروڙ 60 لک جي حساب سان به ان تي خرچ نه ڪيو ويو ته 18 هين ترميم کان پوءِ آئيني ترڪيب هجي ان ڪري وزيراعظم فروغ نسيم کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪميٽي ۾ 6 ميمبر پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ ۽ 6 ميمبر ايم ڪيو ايم جا آهن ۽ ايف ڊبليو او مان به آهن.

فروغ نسيم چيو ته ڪميٽي ۾ مون کي شامل ڪرڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته ٿوري وقت، وچولي ۽ ڊگهي وقت جي حڪمت عملي ڇا هجي ڪراچي ۽ مقامي حڪومت تي ڪيئن خرچ ٿئي ان جو حل ڪڍڻو آهي.

ميئر ڪراچي جي اختيارن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ميئر ۽ چونڊيل ميمبرن کان اختيارن جي منتقلي 140 اي ۽ آرٽيڪل 17 سان تڪراري آهي ۽ هاڻ ان اندر سپريم ڪورٽ جو ڪردار هجڻ آهي ۽ سپريم ڪورٽ کي وضاحت ڏيڻي آهي  ان حوالي سان ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

وفاقي وزير ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي ۽ گڏوگڏ پي ٽي آءِ جو به ان ۾ پارٽي بڻجڻ جو پورو موڊ آهي ان کان سواءِ 184 ون آهي جنهن تحت جيڪڏهن صوبائي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ڪو تڪرار هجي ته سپريم ڪورٽ  کي رهنمائي ڪرڻي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته واٽر بورڊ، ايم ڊي اي، لياري ڊولپمينٽ ڪي ڊي اي، سولڊ ويسٽ مئنيجمنٽ جو واڳون سنڌ حڪومت پاڻ وٽ رکيون آهن ۽ انهن جو آئيڊيا آهي ته رڳو ڪرپشن ڪئي وڃي.

ميئر ڪراچي ۽ آئين جي آرٽيڪل 149 جي ماتحت شق فور تحت اختيارن جي استعمال جي حوالي سان هڪ سوال تي هن چيو ته اشارو اهو ئي آهي ۽  ٿي اهو ئي رهيو آهي ڇو جو سنڌ حڪومت ان تي عمل نه ڪندي ته معاملو سپريم ڪورٽ ويندو.

فروغ نسيم چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت 149 فور پهرين ڏينهن استعمال ڪري ها ته اهو الزام اچي ها ته صوبائي خودمختياري تي اچي ويا آهيون ۽ هاڻ اهو صحيح وقت آهي ان کان اڳ ٿئي ها ته ان تي سياست ڪئي وڃي ها ۽ آئون ان جي کليل حمايت ڪيان ٿو.

ميزبان جي هڪ ٻئي سوال “ڪراچي جي ماڻهن جو مطالبو آهي ته 149 فور ۾ وفاق پنهنجو اختيار استعمال ڪري سگھي ٿو  ڇا اوهان ائين ڪري رهيا آهيو”  تي  هن جواب ڏيندي چيو ته ها بلڪل.

وفاقي وزير جي بيان جي حوالي سان خاص مددگار فردوس عاشق اعوان وضاحت ڪندي چيو ته 149 فور جو مطلب سنڌ  ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ نه آهي پر ان جو مقصد شهر ۾ سيڪيورٽي ۽ امن  برقرار رکڻ آهي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ وارو بيان حيران ڪندڙ آهي: مريم اورنگزيب…

هوڏانهن پ پ اڳواڻ سعيد غني ان تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته آرٽيڪل 149 فور جي ضرورت سنڌ کان وڌيڪ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آهي.

هن چيو ته آرٽيڪل 149 تحت وفاق کي سنڌ حڪومت ۾ مداخلت ڪرڻ جو حق نه آهي.

You might also like