وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس، اهم فيصلا….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته نئين نظام جي تحت چونڊيل نمائندن کي بااختيار بڻايو آهي جيئن مسئلن جي حل ۾ ڏکيائي نه ٿئي.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مقامي حڪومتن جي نئين نظام بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ متعارف ڪرايل مقامي حڪومتن جي نئين نظام تي عملدرآمد بابت خيال ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته وزير اعظم کي خيبرپختونواهه ۽ پنجاب ۾ متعارف ڪرايل مقامي حڪومتن جي نئين ڍانچي تي تفصيلي برينفگ ڏني وئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:نئون نظام قبيلائين جي رهڻي ڪهڻي سان تڪراري نه هوندو…..

اجلاس ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته متعارف ڪرائي ويندر مقامي حڪومتن جو نئون نظام حقيقي معنيٰ ۾ انقلاب برپا ڪندو، نئين نظام جي تحت چونڊيل نمائند کي بااختيار بڻائڻو اهي جيئن مسئلن جي حل ۾ ڏکيائي نه ٿئي.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته مقامي حڪومتون قومي قيادت جون نرسريون ثابت ٿينديون ترقياتي فنڊن جي مقامي سطح تي منتقلي سان عوام جي بنيادي مسئلن جو حصل ممڪن هوندو، نئين نظام سان فنڊن جي امتيازي ورڇ جي روش جو به خاتمو ممڪن هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته تحقيل ۽ ميونسپل سطح تي سڌي سنئين چونڊ سان عوام کي اهل نمائندگان چونڊ جو موقعو ميسر ٿيندو، تحصيل ۽ ميونسپل سطح جي سڌي سنئين چونڊ سان سياسي پارٽيون به مضبوط ٿينديون، چونڊن نمائندن کي بنا رنڊڪ جي پنهنجون توانائيون تعمير ۽ ترقي ۽ مسئلن جي حل ۾ صرف ڪري سگهندا.

 

ياد رهي ته ان کان اڳ وزير اعظم عمران خان پشاور ۾ ضم ٿيل قبيلائي ضلعن جي اڳواڻن سان خطاب ڪندي چيو هو ته نئون نظام قبيلائين جي رهڻي ڪهڻي ۽ روايتن سان تڪراري ناهي، قبيلائي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ دوران وڏيون قربانيون ڏنيون.
وزير اعظم عمران خان چيو ته قبيلائي علائقن ۾ اڳواڻن جي ڪري امن برقرار رهيو.

You might also like