وزيراعظم ڪراچي بدران معاشي گهوٽالي تي ڌيان ڏئي: سردار محمد بخش مهر

عوامي آواز رپورٽ
وزيراعظم ڪراچي بدران معاشي گهوٽالي تي ڌيان ڏئي: سردار محمد بخش مهر
عوامي آواز رپورٽ وزيراعظم ڪراچي بدران معاشي گهوٽالي تي ڌيان ڏئي: سردار محمد بخش مهر

 

پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته وزيراعظم ڪراچي تي سياست ڪرڻ بدران ڪشمير معاملي ۽ ملڪي معاشي گهوٽالي تي ڌيان ڏئي ته جيئن غريب عوام سک جو ساهه کڻي سگهي

ڏهرڪي ۾ پ پ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر حاجي دادن خان مهر جي والده جي وفات تي ساڻس تعزيت بعد ۽ خانپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزير اعظم کي سنڌ جي ڪا به ڳڻتي ناهي.

سندس چوڻ ھو ته وزيراعظم جي اکين جو ڪنڊو پيپلز پارٽي آھي ۽ سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ خانصاحب اڳواڻن جي گرفتارين بعد ڪراچي ڏانهن انهن دوستن سان گڏ ڪاهي پيو آھي جن خلاف لنڊن تائين ويو پئي

پ پ ايم اين اي هڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ جي حصي جو پاڻي چورائڻ واري تاريخ تمام پراڻي آھي ۽ ان جو تسلسل پنجاب ۽ واپڊا جاري رکيو ٿا اچن جنهن جو تازو مثال ارسا کي ٻڌائڻ بنا تڪراري سي جي ڪئنال مان پاڻي کڻڻ آھي پر وزيراعظم لاءِ سنڌ سڪي يا سڙي کيس ڪا به ڳڻتي ناهي

You might also like