وزيراعظم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ جلسي جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ وزيراعظم عمران خان 13 سيپٽمبر تي جلسي جو اعلان ڪيو آهي.

والاريل وادي ۾ جاري ڀارتي بربريت خلاف ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وزيراعظم عمران خان 13 سيپٽمبر  جمعي جي ڏينهن مظفر آباد ۾ وڏي عوامي اجتماع سان خطاب ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته غاصب ڀارتي فوج طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم بابت دنيا کي پيغام موڪلڻ ۽ ڪشميرين کي اهو ڏيکارڻ جي ضرورت آهي ته پاڪستان پوري ثابت قدمي سان هنن سان گڏ بيٺل آهي.

You might also like