وزيراعظم جي چيني صدر سان ملاقات، ڪشمير ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

بيجنگ (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه به شرڪت ڪئي، چيني صدر پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي ۽ عمران خان سميت ٻين ميمبرن سان هٿ ملايو،ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، وزيراعظم ۽ چيني صدر وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات ۾ وزيراعظم ڪشمير ۾ 2 مهينن کان جاري لاڪ ڊائون جي خاتمي تي زور ڀريو ۽ جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي تي پيش ڪيل موقف تي چيني صدر جو ٿورو مڃيو، وزيراعظم هڪ ڀيرو اهو عزم ورجايو ته سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، پاڪستان مشڪل معاشي صورتحال مان نڪري آيو آهي، چين جي حمايت وساري نٿي سگهجي، هن چيو ته چين ڪڏهن به پاڪستان کان اهڙو مطالبو ناهي ڪيو جيڪو قومي مفاد جي خلاف هجي،  ان موقعي تي چيني صدر پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اهم قومي مفادن لاءِ چين جي حمايت جو عزم ورجايو، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هانگ ڪانگ چين جو اندريون معاملو آهي، ڪنهن ملڪ کي ٻئي ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت جو ڪو به حق ناهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.