واٽس ايپ تي اسٽيٽس کي مڪمل طور تي بند ڪندڙ نئون فيچر متعارف

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي مشهور ترين ايپ واٽس ايپ اهڙو فيچر معتارف ڪرايو آهي جنهن سان اوهان ڪنهن به شخص جي اسٽيٽس کي مڪمل طور تي بند ڪري سگھو  ٿا جيڪو اسڪرول ڪرڻ باوجود به اسٽيٽس جي سيڪشن ۾ نظر نه ايندو.

ان کان اڳ واٽس ايپ طرفان اهڙو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو جنهن ۾ واهپيدارن ڪنهن به شخص جي اسٽيٽس کي بند ڪري سگھندا هئا پر اهو موبائيل اسڪرين کي اسڪرول ڪرڻ کان پوءِ اسٽيٽس سيڪشن ۾ سڀ کان هيٺ نظر ايندو هو.

پر هاڻ واٽس ايپ اهڙو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن سان واهپيدار ناپسنديده شخص جي اسٽيٽس کي مڪمل طور تي بند ڪري اسٽيٽس سيڪشن مان گم ڪري سگھندو.

اسٽيٽس کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ جي ان فيچر کي هاڻي واٽس ايپ جا سمورا صارف استعمال نه ڪري سگھندا ڇو جو اهو رڳو واٽس ايپ جي اپڊيٽڊ ورجن تي موجود آهي.

واهپيدارنواٽس ايپ جي ان نئين فيچر تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ “اي پي پي جي مرر” تان واٽس ايپ جو اپڊيٽڊ ورجن ڊائونلوڊ ڪري ان فيچر کي استعمال ڪري سگھن ٿا.

واٽس ايپ جو اهو نئون فيچر سڀ کان اڳ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن 2.19.183 ۾ جون ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، جيئن ئي واهپيدار ان فيچر کي ۾ فعال ڪندا، پاڻ مرادو سڀئي بند ڪيل اسٽيٽس، اسٽيٽس سيڪشن تان مڪمل طور تي گم ٿي ويندا.

واهپيدار کي موبائيل فون ۾ ان فيچر کي فعال ڪرڻو پوندو جنهن کان پوءِ واهپيدار ٽن نقطن واري مينيو جي آپشن ۾ وڃي ان شخص جي اسٽيٽس کي بلاڪ ڪري سگھن ٿا جنهن کي هو ڏسڻ نٿا چاهين، اتي ئي اسڪرين تي هڪ ايرو (تير جو نشان) موجود هوندو جنهن کي دٻائڻ کان پوءِ مڪمل طور تي بند ڪيل اسٽيٽس واپس نظر اچي ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.