والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم روڪرائڻ لاءِ عالمي برادري تُرت قدم کڻي: راحيل شريف

رياض (ويب ڊيسڪ) اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه راحيل شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم روڪرائڻ لاءِ عالمي برادري ترت قدم کڻي.

اسلامي فوجي اتحاد جي ڪمانڊر راحيل شريف سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ مسلمانن جي نسل ڪشي تي عالمي برادري کي فوري طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، نريندر مودي جي سربراهي ۾ هندستاني فاشسٽ حڪومت سڀئي حدون پار ڪري ڇڏيون آهن.

هن چيو ته پاڪ فوج ڪنهن به چئلينج جو مقابلو عزت سان ڪري سگھي ٿي، سيپٽمبر جي جنگ دوران هٿياربند فوج جو قومي جذبو ۽ بهادري بي مثال هئي، شهيدن کي مادرِ وطن لاءِ پنهنجي حياتيون قربان ڪرڻ تي ڀيڻا پيش ڪيان ٿو.

هي به ڏسي سگھو ٿا: مليحه لوڌي جي ڪشمير مسئلي  گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان تي ملاقات

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان، بهادر هٿياربند فوج ۽ ڪشمير جي مقصد لاءِ پاڪستاني عوام جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن،  ڪشمير جو ورهاڱو هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، خطي ۾ استحڪام لاءِ ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عوام جي اميدن موجب حل ڪرڻو پوندو.

You might also like