والاريل وادي ۾ لاڪ ڊائون برقرار، وڌيڪ هڪ ڪشميري شهيد

 

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي انتظاميا جي لاڪ ڊائون کي 38 ڏينهن ٿي ويا، جڏهن ته قابض فوج وڌيڪ هڪ نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب وادي ۾ قابض ڀارتي فوج سوپور جي علائقي ۾ ڏاڍ جو مظاهرو ڪندي وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جي سڃاڻپ آصف جي نالي سان ٿي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون جاري، محرم الحرام جي جلوس تي پابندي

ڪشميري ميڊيا ٻڌايو آهي ته ڀارتي فوج نوجوان تي ڊرائيونگ دوران فائرنگ ڪئي، جنهن سان هو شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ڀارتي فورسز سوپور جي علائقي ۾ ئي ڇاپن دوران 8 نوجوانن کي گرفتار ڪيو.

والاريل وادي ۾ مودي سرڪار طرفان لاڪ ڊائون برقرار آهي، جنهن سبب ڪشميرين وٽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ٿي وئي آهي، جڏهن ته انهن کي علاج لاءِ دوائون پڻ نه ملي رهيون آهن.

You might also like