وادي اردن بابت اعلان، مسلم ملڪن جي اسرائيلي وزيراعظم تي تنقيد

 

قاهرا (ويب ڊيسڪ) عرب ليگ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي ان اعلان کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايندڙ ٻيهر چونڊون کٽڻ جي صورت ۾ فلسطيني علائقي وادي اردن کي اسرائيل جو حصو بڻائينداسين.

سعودي عرب پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته اهڙو ڪو به قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنئين سڌي ڀڃڪڙي هوندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: غزه جي سرحد تي اسرائيلي فورسز هٿان ٻه فلسطيني نينگر شهيد

سعودي عرب ان معاملي تي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جو هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو آهي.

هوڏانهن اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي خبردار ڪندي چيو ته اسرائيل جو اهو قدم سڄي خطي کي تشدد ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو ۽ امن جي ڪوششن لاءِ خطرو آهي.

ٻئي پاسي ترڪ پرڏيهي وزير مولود چاوش اولو اسرائيلي وزيراعظم جي ان بيان کي نسل پرستاڻو قرار ڏنو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽيلي تي پنهنجي خطاب ۾ نيتن ياهو چيو هو ته ٻيهر چونڊون کٽڻ جي صورت ۾ فلسطيني علائقي ۾ موجود وادي اردن ۽ اتر سمنڊ مردار کي اسرائيل جو حصو بڻائينداسين.

You might also like