هڪ ٻي اهم شخصيت نيب جي چنبي ۾…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  قومي احتساب بيورو راولپنڊي جي ٽيم مبينا طور  باغ ابن قاسم پارڪ جو جعلي ٺيڪو ڏيڻ جي الزام ۾ اڳوڻي ڊي جي پارڪس (ڪي ايم سي) لياقت علي قائمخاني کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو.

نيب ذريعن موجب لياقت علي قائمخاني بطور ڊي جي پارڪس ڪوڙا ٺيڪا ڏنا هئا.

ٻڌايو ويو ته نيب راولپنڊي جي ٽيم ڪراچي ۾ اڳوڻي ڊي جي پارڪس جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ ڪروڙين رپين جي ماليت جون گاڏيون، بانڊز ۽ ملڪيتن جا دستاويز  هٿ ڪري ورتا.

نيب ذريعن طرفان ڏنل ڄاڻ موجب ڇاپي دوران 8 لگزري گاڏيون، جيولري، جديد هٿيار به هٿ ڪيا ويا.

هن ٻڌايو ته شڪي جوابدار جي گهر مان ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جا اصل دستاويز تحويل ۾ ورتا ويا.

ان کان سواءِ اڳوڻي ڊي جي پارڪ لياقت علي قائمخاني جي گهر مان 6 ۽ 4 فٽ جا 2 لاڪرز به تحويل ۾ ورتا ويا پر انهن کي اڃان تائين کوليو ناهي.

نيب ذريعن دعويٰ ڪئي ته لياقت علي قائمخاني کي باغ ابن قاسم ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ڇو ته هن تي ڊي جي پارڪس طور ڪوڙا ٺيڪا ڏيڻ جو الزام آهي.

نيب جو چوڻ هو ته هٿ ڪيل اثاثن ۾ 55 لک رپين جي نقدي ۽ پرائز بانڊ، 80 کان 90 لک ماليت جي اهڪ  مرسڊيز سي ڪلاس، 28 لک ماليت جي ٽويوٽا پريميو، 2 ڪروڙ 20 لک ماليت جي سوزوڪي سوئفٽ ۽ لينڊ ڪروزر جا ڪاغذ، 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي ايراضي، دبئي ۾ 3 ملڪيتن جا ڪاغذ ۽ بينڪ اڪائونٽس جنهن ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ جي رقم موجود آهي.يول ۾حوير فگحفظ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.