هلندڙ سال ملڪ ۾ ڊينگي ڪيسن جو انگ 9 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال دوران هن وقت تائين 8 هزار 933 کان وڌيڪ ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته وائرس سبب 16 ڄڻا موت جو شڪار به ٿيا.
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ ) جي چيف آف ڊيزيز سرويلنس ڊويزن ڊاڪٽر رانا صفدر چيو آهي ته سنڌ مان 2 هزار 132 ڪيس، پنجاب مان 2 هزار 76، بلوچستان مان هڪ هزار 772، خيبرپختونخواهه مان 612، وفاقي راڄڌاني مان هڪ هزار 206 جڏهن ته آزاد ڄمون ڪشمير مان 92 ڪيس رپورٽ ٿيا.
اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ اها وبا بري طريقي پکڙجي وئي جڏهن ته پنجاب ۾ سامهون آيل 43 هن ڪيسن جو واسطو ٻين صوبن سان هو.
هن چيو ته سنڌ ۾ وڌ کان وڌ 8 ماڻهو، اسلام آباد ۽ بلوچستان ۾ 3،3 جڏهن ته پنجاب ۾ 2 ماڻهو ان سبب موت جو شڪار ٿيا.
ڊاڪٽر صفدر چيو ته راولپنڊي ۾ ايئرپورٽ هائوسنگ سوسائٽي، گلبهار اسڪيم، وڪيل ڪالوني، ڍوڪي منشي ۽ ڪوٽ جبي مان ڪيس سامهون آيا جڏهن ته اسلام آباد موهرا نگيال ۽ يو سي کهرپا مان ڪيس رپورٽ ٿيا.
اين آءِ ايڇ ۾ اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان آيل نمونن مان خبر پئي ته ڊين 2 (ڊينگي وائرس جي ٽائيپ 2) پکڙجي رهي آهي جيڪا ان کان اڳ 2017ع ۾ به سامهي آئي هئي.
ڊاڪٽر صفدر وڌيڪ ٻڌايو ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ نشاندهي ڪيل هنڌن تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ آگاهي مهم سوڌو ٻيا بندوبست پڻ شامل آهن، ان تحت مڇرداڻي، پاڻي جي ٿانون کي ڍڪڻ جي حوالي سان آگاهي، مڇرن جي آنن کي روڪڻ لاءِ ڪيميڪلز جو استعمال، گھر گھر پمفليٽس ورهائڻ، مسجدن ۾ اعلان ۽ متاثر ماڻهن وچ ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ شامل آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.