”هاڻ مودي ڪهڙي منهن سان هيوسٽن ۾ جلسو ڪندو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آڻڻ جو حڪم ڏئي مودي سرڪار جي ڪيس تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ۾ ورهاست آهي ۽ اڄ اتان جي سپريم ڪورٽ ان ورهاست تي مهر لڳائي ڇڏي آهي، ڀارت جنيوا ۾ راڳ الاپي رهيو هو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حالتون نارمل آهن پر ڀارتي سپريم ڪورٽ مودي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آنديون وڃن.

هن چيو ته حالتون معمول تي آڻڻ جو مطلب آهي ته ڪرفيو هٽايو وڃي ۽ بنيادي حق بحال ڪيا وڃن، مسجدن کي تالا نه هنيا وڃن، اسپتالن تائين پهچ ڏني وڃي، بازارون کوليون وڃن ۽ ليڊر شپ کي آزاد ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته هاڻ مودي ڪهڙي منهن سان هيوسٽن ۾ جلسو ڪندو، ڀارتي سپريم ڪورٽ ئي ان جي ڪارروائي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري رهي آهي، اڄ سپريم ڪورٽ مودي جي ڪيس تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، جيڪڏهن ڀارتي حڪومت ۾ همت، حوصلو ۽ جرئت آهي ته غلام نبي آزاد سان گڏ عالمي ميڊيا کي به والاريل ڪشمير ۾ وڃڻ ڏئي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان جو موقف تسليم ٿيو آهي، پاڪستان اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان کي ڪاميابي ملي آهي.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته 17 سيپٽمبر تي يورپي پارليامينٽ ۾ ڪشمير تي بحث ٿيندو، جڏهن ته وزيراعظم 27هين تاريخ تي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجو موقف پيش ڪندو، عمران خان جي نيو يارڪ پهچڻ کان اڳ ڀارت بي نقاب ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.